پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو غير ضروري استعمال، ماڻهو حياتيون وڃائڻ لڳا، ماهرن کي ڳڻتي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو وڏي پئماني تي استعمال جاري آهي ۽ ملڪ ۾ 70 سيڪڙو مريض غير ضروري اينٽي بائيوٽڪس استعمال ڪري رهيا آهن.

صحت جي قومي اداري موجب اينٽي بائيوٽڪس جي گهڻي استعمال سان جراثيمن ۾ انهن دوائن خلاف مزاحمت وڌي رهي آهي ۽ هر سال ٿيندڙ 25 سيڪڙو موتن جو سبب اينٽي بائيوٽڪس جو غير ضروري استعمال به آهي.

صحت جي قومي اداري جو چوڻ آهي ته ان جي ڪري اڳ کان موجود اڪثر اينٽي بائيوٽڪس بيمارين خلاف بي اثر ٿينديون پيون وڃن، اينٽي بائيوٽڪس جي استعمال ۾ احتياط ڪيو وڃي، اهو شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ آگاهي واڪ ٿيو.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي هدايت بنا قطعي دوا نه وٺو، نزلي، زڪام، کنگهه، خراب ڳلي يا وائرل انفيڪشن جي صورت ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو استعمال غير ضروري آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اينٽي بائيوٽڪس جي مسلسل استعمال سان وڏي مدي جا مرض جنم وٺي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.