ارجنٽينا کي تاريخي شڪست، سعودي جو راندين وارو وزير جذباتي ٿي ويو

لوسيل ( ويب ڊيسڪ ) قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سعودي عرب جي سخت مقابلي کانپوءِ ارجنٽينا کي 1-2 تان شڪست ڏئي وڏو اَپ سيٽ ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي طرفان گول اسڪور ڪرن واري موقعي تي راندين واري وزير جي خوشي جي اظهار واريون تصويرون جاري ڪيون آهن.

سعودي عرب ۽ ارجنٽينا جي ميچ دوران قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ سعودي جي راندين واري وزير شهزادو عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل به اسٽيڊيم ۾ موجود رهيا.

ميچ ۾ سعودي عرب جي راندين واري وزير ٽيم طرفان گول ڪرڻ تي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي واڌايون ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.