عمران خان 26 نومبر تي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو: شاهه محمود قريشي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان 26 هين نومبر تي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيرآباد حملي جي اهڙي ايف آءِ آر ڪٽي وئي جنهن جي ڪائي قانوني حيثيت ناهي.

هن چيو ته جيستائين ٽئي نامزد شخصيتون پنهنجي عهدن تي موجود آهن اسان کي انصاف جي اميد ناهي، جيڪڏهن حڪومت چونڊن لاءِ سنجيدا آهي ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

ٻئي پاسي شاهه محمود قريشي بچاءَ واري وزير جي ٻه ٻه هٿ ڪرڻ واري بيان کي غيرذميواراڻو قرار ڏيندي چيو ته بچاءَ واري وزير هلڪڙائپ ڪئي آهي، اهڙي قسم جون ڌمڪين تي حيران آهيان ته ڪهڙو معيار ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ان کان اڳ بلاول به صدر بابت اهڙو بيان ڏنو، ڇا بلاول کي اهڙو بيان ڏيڻ سونهين ٿو؟ سياست ۾ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي، حڪومت جا بيان اندورني گهٻراهٽ جو ثبوت آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.