” فلم ڏٺي ئي نه اٿوَ ۽ پابندي لاءِ عدالت هليا آيا آهيو“  جواءِ لينڊ بابت وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلم جواءِ لينڊ جي رليز خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فلم “جواءِ  لينڊ ”جي ريليز جي خلاف داخل  درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڌرين دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جي ريليز آئين جي آرٽيڪل 227 جي ڀڃڪڙي آهي، فلم کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

مولوي اقبال حيدر چيو ته پاڪستان ۾ اسلام جي روح ۽ تعليم جي خلاف ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهجي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ درخواستگذار کان سوال ڪيو ته اوهان فلم ڏٺي آهي؟، جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جو مواد ان قابل ناهي جو ان تي کلي عام عدالت ۾ بحث ٿي سگهي.

چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان فلم ڏٺي ناهي ۽ پابندي  جي لاءِ عدالت هليا آيا آهيو.

عدالت علي جوڻيجو جي فلم جواءِ لينڊ جي رليز خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.