وزيراعظم سان خواجه آصف جي ملاقات، اهم مقرري تي مشاورت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعطم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجه آصف ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اهم مقررين بابت صلاح مشورو ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي اهم مشاورتي ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ احمد خان پڻ موجود هو.

واضح رهي ته خواجه آصف گذريل ڏينهن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي.

 ملاقات کانپوءِ بچاءَ واري وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات مشاورتي عمل جو حصو آهي، جنهن ۾ اهم قومي معاملن ۽ مقررين بابت ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.