ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن وارو مامرو، اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙ سال 15 جنوري تي تي مڪاني چونڊون ٿينديون.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار 7 گهرو وزارت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مهيا ڪري جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪن.

واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنز  ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.