بلِڙي شاهه ڪريم لڳ حادثي ۾ شاگرد سميت 2 ڄڻا فوت، لاش رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

بلڙي شاهه ڪريم( ن ع آ) بلڙي شاهه ڪريم ويجھو نئون پڪو اسٽاپ وٽ سجاول ٽنڊو محمد خان جي قومي شاهراھ تي تيز رفتاريءَ سبب ويگن ۽ موٽر سائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ يوسي سعيد متو جي ڳوٺ الياس گھراڻو جا رھواسي 45 سالا محمد رحيم پٽ عثمان 16 سالا ڏھين ڪلاس جو اسڪولي شاگرد دانش پُٽ يعقوب گھراڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ، واقعي جي 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پھتي جنھن ڪري ڳوٺاڻن پاران فوتين جا لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڌرڻي سبب روڊ ڪيترا ئي ڪلاڪ بند رھيو سوين گاڏيون بيهجي ويون مسافر پريشان ، آخري اطلاعن تي ايس ايڇ او تعلقا ٽنڊو محمد خان مشتاق برهماڻي ۽ ھيڊ محرر اسماعيل ابڙو مظاھرين وٽ پھچي ڳالھين بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو ، جڏھن تہ لاشن کي پوليس کڻائي سيول اسپتال ٽنڊو محمد خان رواني ٿي جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جا لاش ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو ،جڏھن ته ويگن ڊرائيور واقعي بعد فرار ٿي ويو ھوڏانھن ويگن کي حد جي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.