سانگهڙ ۾خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب هزارين مڻ ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي، اختياريون آرامي

سانگهڙ( رپورٽ: محمد حسين بلوچ ) فوڊ کاتي جي نااهلي سبب ھزارين مڻ ذخيرو ڪيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ لڳي، ھڪ پاسي عوام مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور ته  وري سرڪاري ڪڻڪ خراب ٿي ڌپ ڪرڻ لڳي ڪڻڪ جي وزن ۾ ھير ڦير ڪرڻ لاء ڪڻڪ جي ٻورين ۾ واري ھئڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي سانگهڙ ضلعي جي مختلف ھنڌن تي سرڪاري ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ لاء سينٽر ۽ گودام ٺاھيا ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ھنڌن تي گودام نه ھئڻ باوجود ڪڻڪ کي کلي آسمان هيٺ ترپال ذريعي ڍڪي رکيو ويو آهي ان سلسلي ۾ سانگهڙ شھر ويجھو ورڪشاپ ۾ پڻ ذخيرو ڪيل آھي جيڪا ڪڻڪ انتظاميا جي لاپرواهيءَ ۽ ناقص حڪمت عملي جي ڪري خراب ٿي رھي آھي ھزارين مڻ پيل ڪڻڪ کي ڪيڙا کائي رهيا آهن جڏهن ته ڪڻڪ ڪاري پڻ ٿي وئي آهي ۽ ڌپ ڪري رھي آھي ھوڏانھن معلوم ٿيو آهي  ته  ڪڻڪ جي ٻورين ۾ واري پڻ نظر اچي رھي آھي. فوڊ کاتي جي غلط حڪمت عملي سبب نه  صرف ڪڻڪ خراب ٿي رھي آھي پر سرڪار کي ڪروڙين رپين جو نقصان پڻ پهچي رهيو آهي ھوڏانھن ڪڻڪ خراب ٿيڻ تي عملي پاران خراب ٿيل ڪڻڪ کان وڌيڪ انگ اکر ڏيکاري ڪرپشن ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي تہ سنڌ حڪومت کي ان معاملي تي فوري نوٽيس وٺي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.