خيرپور پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

خيرپور (  س ر ) خيرپور جي ڳاڙهي پل جي رهواسين مسمات غلام ظهران ، مسمات رشيدان، گل محمد ڦلپوٽو پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي ۽ مددگار 15 پوليس بنا جواز اسان جي گهر
تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اسان جي نوجوان شمشاد عرف شمن  ڦلپوٽو کي زبردستي کنڀي پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي، جنهن جي بازيابي لاءِ پوليس لکين روپيه رشوت طلب ڪري رهي آهي، غريب آهيون رشوت نٿا ڏئي سگهون، خوف آهي ته پوليس شمن ڦلپوٽو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيندي، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس واران کان مطالبو ڪيو ته واقعي  جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.