چمبڙ ۾ زرعي زمين تي بااثر جو قبضو، پوليس هڪ ڄڻي کي کنڀي وئي، متاثرن جو ڌرڻو

چمبڙ( ن ع آ) ويجھي زرعي زمين تي بااثرن جو مبينا قبضو متاثر ڌر جو ھڪ ڄڻو پوليس کنڀي وئي متاثر عورتن مرد ۽ معصوم ٻارڙن بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب چمبڙ پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري زرعي زمينن تي قبضي ڪندڙ بااثرن ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وس وارن کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل رپورٽ موجب چمبڙ ديھ ڳوٺ علي خان لغاري ۾ پوڻا ٻه ايڪڙ زرعي زمين تي بااثرن جو قبضو متاثر ڳوٺاڻن جو پريس ڪلب چمبڙ تي احتجاج ان موقعي تي متاثر ڌر گلزار ولد حاڪم لغاري سندس والدہ آمون  گھرواري شازيه ۽ ٻه معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري انصاف خاطر پريس ڪلب چمبڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيندي ٻڌايو ته ديھ لڙھ ۾ سندس ڳوٺ ڀرسان سندس ڏاڏاڻي ملڪيت پوڻا ٻه ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن تي غازي ھٿيارن جي زور تي مبينہ طور قبضو ڪيو آھي اسان پنھنجي زمين تي ٿا وڃون ته غازي خان عرف شفيع محمد لغاري اسان مٿان مبينه طور تشدد جو نشانو بڻائي اسان کي زرعي زمينن مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ اسان جي نوجوان اسرار علي لغاري کي بيگناھ چمبڙ پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو آھي ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جو حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊوالھيار وس وارن کان اپيل ڪئي آھي واقعي جو نوٽيس وٺي قبضي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ڦريل زمين واپس ڪرائي ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.