ڌاريا اهم مسئلو آهن، ڪراچي کي سياسي مرڪز بڻائڻ کپي: آڪاش ملاح

گلشن اقبال ( ن ع آ) قومپرست قيادتون ڪراچيء کي سياست جو مرڪز بڻائڻ ڌاري آبادڪاري سنڌ جو اهم مسئلو آھي آڪاش ملاح تفصيل موجب سنڌ صوفي سنگت جي سرواڻ آڪاش ملاح انڊس پريس ڪلب ڪراچي جي صحافين سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده وقت ۾ ڌاري آبادڪاري سنڌ لاء اهم مسئلو بڻجي چڪي آھي ڌارين خلاف سنڌ ۾ منظم تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آھي ڌاريا سنڌ جي ٻچن کي ماري رهيا آھن مڇر ڪالوني واقعو ڪورنگي يا سرجاني لياري واقعن ۾ سنڌي ماڻھن جو بيدردي سان قتل جو سبب ڌاري آبادڪاري ئي آھي  قومپرست اڳواڻ آڪاش ملاح وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي شھر مڪمل طور ڌارين هيٺان آيل آھي سپر هائي وي ۽ ناردرن بائي جي ٻنهين پاسي والار ٿيندي پئي وڃي  آڪاش ملاح وڌيڪ چيو ته غيرملڪي افغاني برمي ۽ بنگالين جي ڪراچي آماجگاھ بڻجي چڪي آھي جنهن تي سنڌ جي مڙني قومي قيادتن کي ڪراچي کي پنهنجو سياسي مرڪز بڻائڻو پوندو ۽ گڏيل جدوجهد ذريعي ئي ڌاري آبادڪاري کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.