سيوھڻ ۾ بدامنيءَ، دڪاندار کان اڍائي لک رپيا ۽ سامان ڦر

سيوھڻ (ن ع آ) سيوھڻ ۾ بدامني جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي، ڪالهه ڏينهن ڏٺي شهر جي پراڻي بس اسٽاپ تي پرچون جي دوڪان تان ٻٽ ٻڌل ٻن هٿياربند سائيڪل سوارن دوڪان جي مالڪ ممتاز علي ابڙو کان اڍائي لک رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ سگريٽن جا بنڊل ڦر ڪري فائرنگ ڪندا سولائيءَ سان فرار ٿي ويا. خبر موجب سيوھڻ پوليس ھڪ ڪلاڪ بعد واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا. اھڙي واقعي بعد علائقي جي عوام ۾ خوف جي لھر ڇائنجي وئي آھي. متاثر دوڪان جي مالڪ ممتاز علي ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته 2 ھٿيار بند دوڪان ۾ داخل ٿي پسٽل جي زور تي ڪائونٽر واري خاني ۾ پيل اڍائي لک رپيا، موبائل فون ۽ سگريٽ جا بنڊل کڻي بعد ۾ ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. متاثر دوڪاندار ۽ واپارين ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي سيوھڻ پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امن بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.