باڊهه واسي نادرا ملازم عبدالوحيد ڀٽي روڊ حادثي ۾ فوت

باڊھه (ن ع آ) باڊهه واسي 35 ورهين جو نوجوان ۽ نادرا جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خيرپور ناٿن شاهه عبدالوحيد ڀٽي ڪالهه معمول موجب باڊهه کان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته بُٺ شاخ وٽان سامهون ايندڙ تيز رفتار چنگچيءَ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي روڊ تي گشت ڪندڙ ايڪسائيز پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ باڊهه جي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان جي ساهه جي تند ٽٽي پئي. ياد رهي ته فوتي نوجوان عبدالوحيد ڀٽي ايگريڪلچر آفيسر عبدالرحمٰن ڀٽي جو پٽ ۽ ناليواري فنڪار عبدالخالق ڀٽي جو ڀاءُ هيو. هوڏانهن فوت نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف مرحوم جي جنازي نماز باڊهه جي درگاهه شريف واري عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل شخصيتن ۽ ڀٽي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته سوڳوار خاندان سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.