اوٻاوڙو ۾ هڪ سال اڳ قتل ٿيل اهلڪار ڪيس ۾ 4 بااثر نامزد

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ۾ ھڪ سال اڳ ڊيوٽي دوران نامعلوم ھٿياربندن اسپيشل برانچ جي پوليس اھلڪار سلطان احمد رند کي گوليون ھڻي بيدردي سان ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪري ويا ھئا ھڪ سال گذرڻ باوجود قاتل قانون جي گرفت ۾ اچي سگھيا، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو گھوٽڪي ضلعي ۾ مقرر ٿيڻ بعد اھڙي واقعي جي جانچ لاءِ  ٻه ايس ايڇ اوز  ۽ ٻه ڊي ايس پيز تي مشتمل جاچ ٽيم مقرر ڪئي، ٽيم جاچ مڪمل ڪري ڇڏي قتل ڪيس وڏي اڳڀراي ٿي، جنھن ۾ رند برادري سان تعلق رکندڙ جوابدارن سياسي اڳواڻ وڏيرو امتياز حسين رند، شوڪت رند، فياض رند ۽ نظير احمد رند جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪري عبوي چالان دھشتگردي ٽروڙ عدالت ميرپورماٿيلو ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏھن ته ھڪ جوابدار نظير احمد رند پھريائين گرفتار ٿيل ھو ۽ ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ڇاپا جاري آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.