امدادي سامان مستحق تائين پهچائي رهيا آهيو: علامه مظھر عباس

موهن جو دڙو (ن ع آ) ڏوڪري جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻ علامه مظھر عباس نقوي جي سهڪار سان تعلقي ڏوڪري جي ٻن ڳوٺن ۾ مسجدن جو بنياد رکيو، جنھن ۾ ڳوٺ صوبدار سرگاڻي ۽ ڳوٺ صاحب خان ملاڻو ۽ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ ٺلاھه ۽ ڳوٺ بکو ديرو ۾ به ٻن مسجدن جو بنياد رکيو ويو آهي. ھوڏانھن ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ جي تعلقن ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجو ۾ پڻ ٻن مسجدن جو بنياد رکيو  ويو آهي، تعلقي ڳڙي خيرو ضلعي جيڪب آباد ۾ پڻ مسجد جو بنياد رکيو. ان کان سواءِ علامه مظھر عباس نقوي جي تعاون سان هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل  تعلقن ڏوڪري ۽ باقراڻي جي مختلف ڳوٺن ۾ سندس ٽيم ۽ سوشل ورڪرن زوار ارشاد احمد ٻگھيو، زوار ذاڪر حسين ٻگهيو، مولوي امير علي ۽ ٻين غريب مستحق ماڻهن ۾ راشن، ڪمبل ۽ مھارا پڻ ورھايا ۽ مفت ميڊيڪل ڪيمپ پڻ  لڳرائي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن، علامه مظهر عباس نقوي، زوار ارشاد ٻگهيو، زوار ذاڪر حسين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان بنا فرق جي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي، امدادي سامان مستحق ماڻهن تائين پهچي ته جيئن غريب ماڻهو سڪون جي زندگي گذاري سگهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.