نوشهري مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

نوشهرو فيروز ( ڊر ) نوشهرو فيروز ضلعي مان هزارين برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر نه ٿيڻ تي سنڌو نواز گهانگهرو جي قيادت ۾ ٻيهر ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو لڳايو ويو. ان موقعي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو. حمز علي چانڊيو، ايس يو پي جي مهر علي وسطڙو، جسقم جي منير وسطڙو، سماجي ماهه نور شيخ ۽ ٻين چيو ته غريب متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن ۽ برساتي پاڻي نه نڪرڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آھي ۽ رات جي ٽائيم ۾ مڇرن ۽ جيتن سبب عوام جي زندگي عذاب ۾ آھن،  ڊي سي تاشقين عالم سميت ضلعي انتظاميه وڏيرن ۽ حڪمرانن جي واٺن جي ڪمداري ۾ لڳي پئي آھي.  اصل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪرڻ بدران انتظاميه انهن جي نالي تي ڪروڙين رپين جا فنڊ ٺاهي وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي آهي، انتظاميه طرفان ضلعي ۾ نالي ماتر اسپري به ناهي ڪرايو ويو پر ڊي سي چوي ٿو ته هن 2 ڪروڙ رپين جو اسپري ڪرايو آهي، جڏهن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب متاثر ڪٽنب بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن، ضلعي جي روڊن رستن، نالين وغيرهه جي حالت انتهائي خراب آهي، ٽڪي جو ڪم به نظر نه ٿو اچي، ڊي سي عوام جو نمائندو بڻجڻ بدران ضياءَ لنجار جو ڪمدار بڻيل آهي. هنن ڪرپٽ انتظاميه خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.