بدين جي ڪاليج ۾بدلي ٿيل پرنسيپال چارج نه ڇڏي، ڇڪتاڻ تيز

بدين (ڊر) بدين جي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ٻن پرنسپل ۾ چارج تان تڪرار تيز ٿي ويو. چار سئو کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم خطري ۾ پئجي وئي. تعليم کاتي نوٽيس نه ورتو. پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مقرر پرنسپال چارج نه ڇڏي. ٻيو دفعو بدلي ٿي آيل پرنسيپل کي چارج ملڻ جي آسري پندرھن ڏينهن پورا ٿي ويا. هلندڙ تڪرار سبب 400 کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم داءُ تي لڳي ويئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي بدلي ٿي آيل پرنسيپل پرشوتم رائي ٻڌايو ته ھن ڪاليج ۾ اڳ ئي رھي چڪو آهيان.، وري به سندس بدلي ٿي آيو آهيان، پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾جوائننگ ڪرڻ باوجود کيس ٺٽو بدلي ٿي ويل پرنسيپل سيف الدين عباسي خارج ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ آفيس به بند هئڻ ڪري تعليمي ڪم رولڙي شڪار ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ملازم علي چانڊيو ٻڌايو ته پرنسپال سيف الدين عباسي جي ٺٽو بدلي ٿي وئي ۽ سندس جاءِ تي پرنسيپل پرشوتم رائي مقرر ڪيو ويو پر جارج نه ملڻ سبب نئين آيل پرنسيپل کي آفيس ملي نه سگهي آهي، ٻي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بدلي ٿي ويل پرنسيپل سيف الدين عباسي پنهنجي بدلي واپس ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.