”قاتلن کي گرفتار ڪريو“ ڀان ۾ شاگرد جي قتل خلاف احتجاجي ريلي

ڀان سيدآباد (ن ع آ)ڀان سيد آباد ۾ سهaڻا سنڌي سوشل ورڪرن پاران فياض جمالي، شوڪت مري، حسين جمالي، مير عالم بوزدار، ڪريم بخش جمالي، صوفي راهب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان علي بخش جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀان سيدآباد باءِ پاس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي دوران دادو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪريو جا نعره هنيا. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته 7 آڪٽوبر تي گاجي شاهه ۾ علي بخش جمالي کي بااثرن بيدردي سان قتل ڪيو. هنن چيو ته نوجوان علي بخش جمالي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر گاجي شاهه ٿاڻي تي جوابدارن اختر، غلام قادر، وزير، سميت 7 ڄڻن خلاف داخل ٿيل آهي، جنهن جي جاچ ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي ڪئي وئي، پر هُو بااثرن جي ونگار وهندي 40 لک رشوت وٺي ڪيس مان مک جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن. اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو نوجوان علي بخش جمالي قتل ٿيو ۽ ان جي قتلن مک جوابدارن جا نالا ڪيس مان ڪڍي ڇڏيا آهن؟ هنن چيو ته نوجوان علي بخش جمالي جو خون لوڙهڻ لاءِ بااثر ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.