ڪنڌڪوٽ ويجهو اغوا ٿيل 2 نوجوان آزاد نه ٿيا، تشدد جي ويڊيو وائرل، ڀنگ طلب، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ ويجهو اغوا ٿيل رڪشا ڊرائيور ۽ ساٿي آزاد نه ٿيا، وارثن جوان جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مغوين جي وارثن ذوالفقار شاه ۽ ٻين چيو ته نوجوان جي اغوا کي مهيني ٿي ويو آهي، آزادي لاءِ مسلسل دانهون ڪري رهيا آهيون، پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران صرف آسرا  ڏئي ٿي.. ڌاڙيلن آزادي لاءِ 60 لک ڀنگ طلب ڪيو آھي. غريب ماڻهو ايترا پئسا ڪٿان آڻيون. ڏوھارين مغوين جو ويڊيو به وائرل ڪئي آھي. جنھن ۾ مغوين کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪيو پيو وڃي. نوجوانن جي زندگيءَ کي خطرو آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوانن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.