لاڙڪاڻو پوليس ۾ سينارٽي جي بنياد تي 43 آفيسرن ترقي حاصل ڪري ورتي

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ۾ سينارٽي جي بنياد تي 43 پوليس آفيسرن ترقي ماڻي ورتي آهي جن کي رينڪ لڳائڻ لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر محمد آصف رضا بلوچ، اي ايس پي سٽي عتيق الرحمٰن ميڪڻ ۽ ڊي ايس پي صدر علي مجتبيٰ ڌاريجو شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان طرفان اي ايس آءِ مان سب انسپيڪٽر طور ترقي ماڻيندڙ 21 پوليس آفيسرن اختر حسين لهر، مظفر علي بروهي، متي نبي جسڪاڻي، مهراڻ خان جتوئي، جنيد احمد واهوچو، سرويچ بروهي، ذوالفقار علي چانڊيو، اعجاز علي چانڊيو سميت هيڊ ڪانسٽيبل مان اي ايس آءِ طور ترقي ماڻيندڙ 22 پوليس آفيسرن محمد بخش دايو، غلام سرور لاشاري، محمد الياس سومرو، محمد عارب بروهي، سهراب چاچڙ ۽ ٻين کي رينڪ لڳائي کين مبارڪباد ڏيندي سندن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اوهان جي ترقي ماڻڻ ۽ رينڪ ۾ اضافي سان اوهان جي ذميوارين ۾ به اضافو ٿيو آهي، پڪ آهي ته توهان پنهنجي اضافي ذميوارين کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي ڏوهارين جي خلاف نتيجا خيز ڪاروائيون ڪري پوليس کاتي جي نيڪ نامي جو باعث بڻجندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.