ميھڙ؛ سنڌي ٻٽڙا گرلس اسڪول مان چوري، استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا گرلس اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف سنڌي ٻٽڙا لوئر سيڪنڊري اسڪول جي ھيڊ ماستر عجيب الله قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ اسڪول گيٽ آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شاگردن، استادن، شاگردياڻين اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف نعريبازي ڪئي. ھنن چيو آھي ته افسوس جو ڪجھه ماڻھن نياڻين جي اسڪول مان چوري ڪري سامان کڻي ويا آھن پر سنڌي ٻٽڙا پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ناھي ڪئي. ھنن چيو تي تعليمي ادارن کي هدف ڪري چوريون ڪرايون پيون وڃن. ھنن گھر ڪئي ته اسڪول مان چوري واري واقعي جو نوٽس وٺي ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي .اسان جي ڪوشش آهي، امدادي سامان مستحق ماڻهن تائين پهچي ته جيئن غريب ماڻهو سڪون جي زندگي گذاري سگهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.