ڀنڀور جي چوٿون ڀيرو کوٽائي ، انساني نما ڍانچوهٿ، وڌيڪ نوادارات ملڻ جا امڪان

ڌاٻيجي ( ن ع آ )سنڌ جي هن تاريخي ماڳ ڀنڀور تي سنڌ يونيورسٽي، خير پور يونيورسٽي جي شاگردن،  اٽلي جي ماهرن جي ٽيم  سنڌ آرڪيالوجي ڊپارنمنٽ سنڌ جي عملدارن سان گڏجي کوٽائي جو ڇوٿون مرحلو شروع ڪري ڏنو، کوٽائي دوران انساني نما ڊانچو هٿ   وڌيڪ نواردات  هٿ اچڻ  جا امڪان آهن، انهي موقعي انجي فيزارو ،سميٿا لون، سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد نديم بوزدار، آرڪيالوجي ڊپارنمينٽ جي هيڊ ميڊم زاهدھ قادري چيو ته کوٽائي دوران قيمتي اثاثن سان گڏو گڏ انساني هڏيون، ٿانهن جا ٺڪر سان گڏوگڏ زمين اندر دفن ٿيل پراڻي زماني جون شيون ملي رهيون آھن ڇا ڪاڻ ته ڀنڀور جا ڀڙ مٿي هئڻ ڪري تاريخي ڀٽ بڻجي چڪا آھن ڀٽ جي کوٽائي دوران اڃان وڌيڪ قيمتي شيون پڻ ھٿ اچي سگهن ٿيون ڇو جو جڏھن ڀنڀور جو شهر آباد هو تڏھن زمين کان هيٺ شھر ڊھڻ سبب وڏا ڀٽ ٺھي ويا آھن ان جي ڪري پوين سال جي کوٽائي کان هن سال جي کوٽائي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شيون هٿ اچڻ جا امڪان آھن، گذريل سال پهريان کوٽائي دوران جانورن جا سڱ، پتل جا سڪا، مٽي جا رانديڪا ۽ جانورن جا هڏا ۽ ٻيون نوادرات هٿ آيون هيون  سميت هڪ 80 ڪلو وزني ڊرم هٿ آيو جنهن تي اڃان تحقيق جاري آھي، 17 ڊسمبر تائين کوٽائي جو عمل جاري رهندو کوٽائي دوران ئي خبر پئجي سگهي ٿي ته ڪيترو قديمي  شهر آھي ان مان ملندڙ نوردات ڪيترا پراڻا آھن ان کي ڪئين محفوظ ڪري تاريخي ميوزمن ۾ حفاظتي طور تي سنڀالي رکي سگهجي،  يادر رهي ته هڪ طرف کوٽائي جو ڪم جاري آهي ته ٻئي طرف وري سنڌجي تاريخي ماڳ  ڀنڀور جي خالي پيل زمين تي قبضي ڪرڻ جو سلسلو پڻ تيز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڀنڀور چئني طرفن کان مڪمل طور تي سوڙھو ٿي ويو ۽ اهو پنهجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو آهي ۽ هن وقت گهاري لڳ آثار قديما جي صورت ۾ بي يارو مددگار بڻيل ڀنڀور پنهنجون آخري نشانيون وڃائي رهيو آھي، ڀنڀور کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جيتوڻيڪ هي تاريخي ماڳ آثار قديمه هئڻ ڪري مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آھي، پر سواءِ ڀنڀور جي ڀٽن واري شهر کان سواءِ ڀنڀور جي چوڌاري واري زمين ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهي رهي. ڀنڀور جي مختلف وقتن تي ٿيل کوٽائي  بعد ملندڙ نوادرات جي ٻئي هنڌ منتقلي جا قصا به پراڻا آھن، پر ان سان گڏوگڏ سڀ کان اهم مسئلو هن تاريخي ماڳ جي زمين جي سنڀال ڪرڻ جو آهي، ڇو ته ڪيتري ئي وقت کان وٺي ڀنڀور جي زمينن تي غير سرڪاري ادارن پاران قبضا ڪيا ويا آهين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.