عثمان شاهه هڙي ۾ مهانگائي چوٽ چِڙهيل، مسڪين طبقو پريشان

عثمان شاھ ھڙي۔(ن ع آ) عثمان شاھ ھڙي سميت علقو جھنڊومري جي سمورن ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن جهڙوڪ پيارولنڊ. ميرآباد. بهادر موري قيصرسنهڙو. ابراهيم شاھ ۔ ڊاسوڙي۔ ٽنڊوسومرو۔ شاھپور رضوي ۾ مھانگائي عروج تي پھتل ٻوڏ جا سٽيل پورھيت مزدور مسڪين  ماڻھون سخت پريشان انتظاميه جي نااھلي سبب منافي خورن رڻ ٻاري ڇڏيو اٽي کنڊ کير ۽ ٻين شين جا ھٿ ٺوڪيا اگھ ٻڌائي روز مرح جي شين جا اگھ چوڻ وڌائي ڇڏيا ڏھاڙي ڪمائي ويلي جو سودو وٺندڙ مسڪين ماڻھن جون دانھون رپورٽ موجب ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي سبب پورھيت طبقي جا مسڪين ماڻھو سخت پريشان جھنڊي مري شھر ۾ منافي خور دڪاندار مسڪين ماڻھن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا بصر 200 روپيا ڪلو پٽاٽا 50 کا 100 روپيا في ڪلو اٽو 120 کان 130 روپيا ۽ کير 120 مان وڌائي 160 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي تعلقي جھنڊومري جي انتظاميه منافي خورن سان ٻٽ بڻيل ھڪ طرف بيروزگاري آھي ته ٻئي طرف مھنگائي دوائن کان ويندي انسان جي ضرورت جي سمورين شين جي اگھن ۾ روز جي بنياد تي اضافو ٿي رھيو آھي.  جنھن جي نتيجي ۾ مزدور طبقو سخت پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھي ماڻھن جي دانھن باوجود انتظاميه ڪنھن به قسم جو نوٽيس نه ورتو منافعي خورن اٽي کنڊ کير ڀاڄيون گيھ سان گڏ روز مرح جي استعمال وارين شين جا ھٿ ٺوڪيا  اگھ لڳائي مسڪين ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.