ٿر ۾ چڪين کي ڪڻڪ ملڻ باوجود اٽو مهانگو،اسٽال بند، ماروئڙا بکون ڪاٽڻ لڳا

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿرين کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ فلورمل ۽ چڪين کي ماهوار 16000 ڪڻڪ جون ٻوريون ملڻ جي باوجود اٽو 120 روپيا ڪلو وڪرو، سستي اٽي جا سمورا اسٽال بند، ڪوٽا تحت ملندڙ ڪڻڪ خوراڪ کاتي جي ملي ڀڳت عيوض هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف. سنڌ حڪومت پاران عوام کي سستو اٽو 65 روپيا ڪلو فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳائڻ سميت هڪ فلورمل ۽ 200 جي لڳ ڀڳ چڪين جي مالڪن کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ٿر ۾ سستي اٽي جي لاءِ صرف هڪڙي ئي فلورز مل آهي، جڏهن ته هڪڙي ئي فلورمل کي ماهوار 10800 ۽ باقي چڪين کي 445 پٿرن عيوض في پٿر تي ماهوار 12 ٻوريون ۽ ٽوٽل 5200 ڪڻڪ جون ٻوريون ماهوار ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن بعد هڪ فلورمل ۽ 445 پٿرن عيوض ٽوٽل 16000 هزار ڪوٽا تحت ڪڻڪ ڪون ٻوريون ملڻ جي باوجود خوراڪ کاتو سستي اٽي جا اسٽال لڳائڻ سميت اٽو سستي اگھ تي وڪرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي پاران ٿر جي سمورن شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگر پارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ قائم ڪيل سستي اٽي جا 8 ئي اسٽال هڪ ڏينهن نالي ماتر هلڻ بعد بند ٿي ويا آهن، جنهن بعد سرڪار طرفان ڪوٽا تحت جاري ٿيندڙ ڪڻڪ خوراڪ کاتي جي ملي ڀڳت عيوض فلورمل ۽ چڪي مالڪ هڙپ ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ انتهائي اهم ۽ ويجهن ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته خوراڪ کاتو چڪي مالڪن سان ملي ڀڳت عيوض ڪوٽا تحت ملندڙ ڪڻڪ جو سستو اٽو عوام تائين ڏيارڻ بدران اُهو چڪين وارا سستي اٽي لاءِ ملندڙ ڪڻڪ جو اٽو مهانگي اگھ تي 120 ۾ ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، مليل رپورٽن موجب ته ڪوٽا تحت ملندڙ ڪڻڪ جي في ٻوري تي فلورز مل کان هڪ هزار ۽ چڪين کي ملندڙ ٻوري تي 2 کان 3 سئو روپيا رشوت خوراڪ کاتي طرفان وصول ڪئي وڃي ٿي. ذريعن وٽان مليل رپورٽن موجب ته مقرر ٿيل ڊي ايف سي کي پوري ضلعي مان ماهوار لکين وصولي ڪري ٿو، رپورٽن موجب ته اُها وصولي خوراڪ کاتي تائين اڳتي پهچائي وڃي ٿي، اهڙي انڪشافن بعد عوام حيران ۽ پريشان رهجي وئي آهي، فلورمل ۽ چڪين کي سستي اٽي لاءِ سرڪار طرفان ڪوٽا ملڻ جي باوجود اٽو سستي ٿي ناهي سگهيو، غريب ۽ مسڪين ماڻهو مهانگي اٽي عيوض بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هزارين خاندان لنگهڻ فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.

ٿر جي  شهرن ۽ ڳوٺن ۾  445 چڪين مان ڪيتريون ئي بند پيل

مٺي: شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چڪين جي 445 پٿرن مان اڌ کان وڌيڪ پٿر ڪيترن ئي سالن بند پيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ضلعي ۾ چڪين جي بند پيل پٿرن عيوض به ڪڻڪ ڪوٽا تحت جاري ڪري وڪرو ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن. ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته خوراڪ کاتي جو ڊي ايف سي ۽ فوڊ انسپيڪٽرز جي ملي ڀڳت عيوض بند ٿيل پٿرن جي ايندڙ ڪڻڪ من پسند چڪي مالڪن کي وڪرو ڪري ڏني ٿي وڃي، سروي دوران پتو پيو ته ٿر ۾ کليل ڏيکاريل وڏي انگ ۾ چڪيون ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهن، جن جي نالي تي ڪڻڪ هر مهيني جاري ڪئي وڃي ٿي.

مٺي ۾ هڪ گاڏي گهرائي سستي اٽي جو واڪ،  مسڪينن جون ڊوڙون لڳي ويون

مٺي: ٿر کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ ملڻ جي باوجود ميرپورخاص جي ڪوٽا مان صرف ڏيکاءُ خاطر شهرن ۾ هفتي دوران صرف هڪ دفعو شهزور گاڏي گهرائي سستي اٽي جو واڪ لڳائي غريبن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڪو هڪ 10 ڪلي جي ٿيلهي مشڪل سان ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ٿر جي هڪ فلورمل وٽان في ٻوري تي هڪ هزار ۽ چڪين تان في ٻوري عيوض 250 سئو روپيا رشوت وصولي جو به انڪشاف سامهون آيو آهي.

چڪين کي هر مهيني ڪوٽا تحت 12 ٻوريون ڏيون ٿا: ڊي ايف سي

مٺي: خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي امجد ميمڻ رابطي دوران عوامي آواز کي ٻُڌايو ته ضلعي ۾هڪ فلورمل ۽ باقي چڪيون آهن، اسان چڪين کي هر مهيني ڪوٽا تحت 12 ڪڻڪ جون ٻوريون ڏيون ٿا، چڪين وارا سستي اگھ تي 65 روپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪندا هوندا، اسان جا سمورن شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳل آهن. هن چيو ته ضلعي ۾ هڪڙي فلور ۾ هجڻ ڪري پورائي نٿي ٿئي، اسان ميرپورخاص جي ڪوٽا مان روزاني گاڏيون ڀري اٽو سمورن شهرن ۾ سستي اگھ تي وڪرو ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.