ماحولياتي نقصان ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي فنڊ قائم ٿيڻ وارو معاملو

سڄي دنيا ۾  موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي گرمي پد وڌڻ سميت ڪيترائي نوان مسئلا  پيدا ٿي رھيا آھن،جن بابت ماھر اڳواٽ ئي خبردار پڻ ڪندا رھيا آھن،ماحول جي توازن ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي ڪري ئي ڪٿي ٻوڏون تھ ڪٿي سوڪون ۽ ڪٿي ڏڪار تھ ڪٿي،پاڻي جي کوٽ،ڪٿي پاڻي جي سطح لھي وڃڻ تھ وري ڪٿي ڪي ٻيا مسئلا ڪر کڻندا رھن ٿا.

انھي ماحول جي توازن خراب ٿيڻ ڪري سموري دنيا کي ٿيندڙ نقصانن جي لاءِ عالمي ليول تي اھو قبول ڪيو ويو آھي تھ ان ۾ سڀني کان وڏو ھٿ انھن اسريل يا ترقي ڪيل ملڪن جو آھي،ڇاڪاڻ جو انھن جي ڪارخانن،فئڪٽرين ۽ ٻين عملن سان فضا جي بلندين ۾ زمين جي مٿاڇري تي ۽ سمنڊ جي تري ۾ گدلاڻ ۽ نيڪال ٿيندڙ فضلي سبب قدرتي ماحول بگڙي ويو آھي،انھن سببن ڪري ئي گرمي ۾ وڌيڪ گرمي ۽ سياري ۾ گھڻا سيءُ پئجي رھيا آھن،نھ رڳو ايترو پر گرمي ۽ سيءُ جي تڪڙي گھٽ وڌ ٿيڻ سان ڪيتريون ئي حياتيون بھ ھن ڌرتيءَ تان مٽجي ويو ن آھن، ان سلسلي ۾ تازين برساتن سان پاڪستان کي پورائي نھ ٿي سگھن جھڙو نقصان ٿيو،پاڪستان ٽين دنيا جو ھڪ اھڙو ملڪ آھي جيڪو معاشي طور تي ايترو سگھارو ناھي جيڪو ھن ھيڏي وڏي نقصان کي اڪيلي سر منھن ڏئي سگھي.

ان ڪري تازي قدرتي آفت سبب جيڪو نقصان ٿيو ھو ان بابت حڪومت پنھنجو ڪيس جوڙي دنيا آڏو پيش ڪيو،ان دوران گڏيل قومن جي سربراھ پڻ پاڪستان جو دورو ڪيو، جنھن اھو بھ چيو ھو تھ ھن اھڙي تباھي ڪڏھن بھ ناھي ڏٺي.

دنيا۾ ماحوليات بابت ڪم ڪندڙ ادارن ڪجھھ اھڙا قانون جوڙيا آھن،جن تحت پاڪستان پنھنجو ڪيس کڻي گڏيل قومن سان گڏ دنيا جي انھن ملڪن اڳيان پيش ڪيو تھ اسان کي ماحولياتي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،ان جو مطلب اھو ھو تھ پاڪستان ۾ جيڪو نقصان ٿيو آھي،ان ۾ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن جو حصو نالي ماتر آھي،جڏھن تھ ان جا ذميوار دنيا جا ترقي ڪيل ملڪ آھن.انھي ڪيس جي بنياد تي تازو مصر ۾ ٿيل ھڪ اھم ماحولياتي ڪانفرنس ۾ ان کي جوڳي اھميت ڏني وئي ھئي،ان ڪانفرنس بعد  موسمياتي تبديلي جي متاثر ملڪن کي معاوضي لاءِ عالمي فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آھي.

مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل قومن تحت ڪوپ 27 ،موسمياتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي، موسمياتي انصاف جي مطالبي تي ڊگهو بحث ڪيو ويو.

ٻن هفتن تائين هلندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ به پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن مالدار ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙن کان مطالبو ڪيو ته موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو و ڃي، غور ويچار ۽ بحث کانپوءِ ماحولياتي گدلاڻ پکيڙڻ جي ذميوار امير ملڪن اهو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران موسمياتي آفتن جي متاثر ملڪن لاءِ عالمي فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آھي.

وزيراعظم شهباز شريف پاران ماحولياتي تبديلين کان متاثر ملڪن لاءِ عالمي فنڊ قائم ٿيڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آھي، وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم جون ان ڏس ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ڪوپ 27 پاران فنڊ جو قيام ماحولياتي انصاف واري هدف ڏانهن پهريون قدم آهي.

موسمي تبديلي لاءِ جڙندڙ فنڊ مان پاڪستان سميت 7 ملڪن کي مالي مدد ملندي، هيستائين 4 ملڪ 3 ڪروڙ 47 لک يورو ۽ 47 لک ڊالر جمع ڪرائي چڪا آهن. متاثر ملڪن کي پاٿ فائنڊر ملڪ جو نالو ڏنو ويو آهي جن جي مدد لاءِ گلوبل شيلڊ نالي سان فنڊ قائم ڪيو ويندو.جنهن ۾ موسمي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 7 ملڪن کي فنڊ فراهم ڪيا ويندا. جن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، ڪوسٽا ريڪا، فجي، گهانا، فلپائن ۽ سينيگال شامل آهن.انهن فنڊن کي متاثر ملڪن کي پنهنجي عوام ۾ موسمي تبديلي جا اثر برداشت ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ خرچ ڪرڻو آهي.

آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ولسن سينٽر جي ڊائريڪٽر مائيڪل ڪوگلمين چيو آهي ته جي 77 جي سربراهه طور پاڪستان ڪوپ 27 ۾ اهم معاهدو ڪيو. ھن اھڙو اظھار سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، ان کان اڳ ڪڏهن به اهو معاملو باضابطا طور ڪوپ سربراهه اجلاس جي ايجنڊا تي نه آندو ويو. هن چيو ته پاليسي سطح تي اها اسلام آباد جي وڏي ڪاميابي آهي.

ٻئي پاسي يقينن پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان جي موجودھ حڪومت ۽ پرڏيھي وزارت توڻي ماحوليات جي وزارت جي ٽيم جي وڏي ڪاميابي آھي،جنھن سان ملڪ توڻي خطي جي سياست،ماحول ۽ سماجي زندگيءِ تي مثبت اثر پوندا.پاڪستان جي ھي ڪاميابي ھڪ اھم قدم آھي جنھن سان اھو ثابت ٿئي ٿو تھ اسان وٽ پڻ  پنھنجو ڪيس پيش ڪرڻ جي صلاحيت موجود آھي،اصل ڳالھھ اھڙي نيت ۽ ارادي جي آھي،جنھن سان ڪنھن بھ ڳالھھ کي پنھنجي پيش ۽ پس منظر ۾ مدلل نموني رکي دنيا کي اھو بھرحال سمجھائي سگھجي ٿو تھ جوڙيل قانون تي عمل ڪريو ۽ غريب ملڪن جي مدد ڪريو،جنھن جي حمايت پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي.

اميد ڪجي ٿي تھ عالمي سطح واري ھن فنڊ مان پاڪستان کي ملندڙ مدد سان ملڪ جي متاثر ماڻھن جي مدد ٿي سگھندي ۽ اھو ئي عمل عوام ۾ حڪومت ۽ ان جي ٽيم بابت بھتر ساک جوڙڻ ۾ مدد ڏيندو.ان سان ئي معاشري ۾ سگھارا  ۽ ھاڪاري لاڙا پڻ پيدا ٿيندا.

اسان ھن ڪاميابي تي نوجوان پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ماحوليات واري قابل وزير شيري رحمان سميت سندن ٽيم کي جس ڏيون ٿا جن جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان کي اھا وڏي ڪامياب ملي آھي،اميد تي ھاڻي ماحوليات کي ملڪي سطح تي اھميت ڏئي،ان جي بچاءُ بابت بھترين قانون جوڙي انھن تي عمل ڪرايو ويندو جنھن سان ئي پاڪستان ۽ دنيا کي محفوظ بڻائي سگھجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.