پاڪستان ۾ آرمي چيف جي تاريخ

سڪندر چنو

پاڪستان جو پهريون آرمي چيف جنرل سر فرينڪ ميسروي 15 آگسٽ 1947 کان 10 فيبروري 1948 تائين پاڪستاني افواج جو آرمي چيف رهيو. جنرل سر فرنيڪ ميسروي 9 ڊسمبر 1893 تي ٽرين ڊاڊ ۾ پيدا ٿيو. هندستان جي ورهاست وقت ڀارت جي ٽوٽل فوج چار لک هئي. انهن چئن لکن مان پاڪستان کي صرف ڏيڍ لک فوج ملي. پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ 30 جون 1947 تي فوج جي ورهاست بابت هڪ اجلاس سڏايو ويو. ان اجلاس ۾ قائد اعظم محمد علي جناح به شريڪ ٿيو. ان اجلاس ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته ايندڙ 6 مهينن تائين جيستائين ٻنهي ملڪن ۾ فوج جي ورهاست مڪمل نٿي ٿئي ۽ ٻئي ملڪ جيستائين فوج جي پگهارن ڏيڻ جي قابل نٿا ٿين ان وقت تائين فليڊ مارشل سرڪلائوڊ آڪن ليڪ ٻنهي ملڪن جي فوج جون گڏيل طور تي سپريم ڪمانڊر جون ذميواريون سنڀاليندو رهندو.

پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ فوج ۾ جونيئر آفيسرن کي وقت کان اڳ ترقيون ڏيئي گهٽ وڌائي پوري ڪئي ويئي. سر فرنيڪ ميسروي کي پاڪستان جو پهريون آرمي چيف يعني فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. ۽ ان جي ئي دور ۾ 22 آڪٽوبر 1947 تي آپريشن گامرگ شروع ڪيو ويو. ۽ پاڪستان جو قبائلي لشڪر پيش قدمي ڪندي سري ننگر تائين پهچي ويو. 48-1947 ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران جنرل سر فرنيڪ ميسروي موڪلن تي ويل هيو ۽ جنرل ڊگلس ڊيوڊ گريسي پاڪ فوج جو قائم مقام ڪمانڊر ان چيف هيو. جنرل ميسروي جو موت 2 فيبروري 1974 ٿي انگلستان ۾ ٿيو. هن وقت پاڪستان ۾ سويلين سياستدان ٻوڏ ستايل عوام جي مسئلن کان هٽي ڪري ملڪ ۾ مقرر ٿيندڙ نئين آرمي چيف جي اتفاق ۽ نا اتفاقي واري طوفان ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ته ملڪ جي معيشت ڪا بهتر ناهي وري برساتي ٻوڏ ملڪ کي معاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ۾ 80 فيصد فصل نه ٿي سگهيا جنهن جي ڪري غربت ۾ وڏو اضافو ٿي ويو آهي. ته ٻئي طرف ملڪ جا خير خواهه سياستدان عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران هڪ روٽين جي مقرري کي سياست جي ور چاڙهي رهيا آهن.

جڏهن ته ڀارت ۾ ائين ناهي آرمي چيف جي مقرريءَ تي ڪابه سياست نه ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ هر اقتداري وزيراعظم چاهيندو آهي ته ان جي مرَضيءَ جو آرمي چيف اچي. ائين ٿيو ضرور آهي پر مرضيءَ جو آرمي چيف وزيراعظم جي غلط حڪمن ۽ قدمن جي حمايت ڪڏهن به نه ڪندو ۽ نه وري ملڪي تاريخ ۾ اهڙو مثال ملي ٿو. جيڪي مرضيءَ جا آرمي چيف مقرر ٿيا اهي ئي انهن جا مخالف ٿيا آهن. جن انهن کي سينارٽي کان باءِ پاس ڪرائي مقرر ڪرايو. پاڪستان جو آرمي ادارو هڪ مستند ۽ پاڪ ادارو آهي جيڪو ملڪي دفاع جون اهم ذميواريون سنڀاليندو اچي ٿو. هن وقت فور اسٽار جنرل بنجڻ لاءِ ڪيترائي نالا آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ شامل آهن انهن ۾ موسٽ سينيئر ترين جنرل جيڪو في الحال ٿري اسٽار جنرل آهي ۽ ان کان پوءِ ساحر شمشاد آهي جيڪو هينئر ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آهي. پهريان ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جنرل سيد عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري جي مخالفت ڪري رهيو هيو پر هاڻي ڄڻ هو اڻ سڌي طرح ان جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن وقت آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ ٽي ليفٽيننٽ جنرل مضبوط اميداوار طور سامهون اچي رهيا آهن انهن ۾ موسٽ سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرل ٿري اسٽار حافظ سيد عاصم منير، ساحر شمشاد ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد شامل آهن آئيني طور ٽي نالا جي ايڇ ڪيو مان موڪليا ويندا آهن جيڪي وزارت دفاع ۽ وزير اعظم هائوس ڏانهن موڪليا ويندا آهن ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو آهي سينارٽيءَ جي بنياد تي پر پاڪستان ۾ هميشه سينارٽيءَ کي پوئتي رکي فيصلا ڪيا ويا آهن. هن وقت به اسلام آباد ۾ اهڙي ئي لڙائي سويلين قيادت اندر هلي رهي آهي.

موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 29 نومبر تي چين آف ڪمانڊ جي ڏنڊي ايندڙ نئين آرمي چيف حوالي ڪندو اها ڏنڊي ملائيشيا جي هڪ ننڍڙي ٻيٽ ملائيڪا مان ايندي آهي ۽ ملائيڪا جون ڏنڊيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن جي هٿن ۾ هونديون آهن. بحرحال هڪ وڏي تقريب ۾ آرمي چيف جي تبديلي جي ڪمان نئين آرمي چيف حوالي ڪئي ويندي آهي هن وقت وزيراعظم هائوس ۾ جي ايڇ ڪيو پاران موڪليل نالا پهچي چڪا آهن ۽ نئين آرمي چيف جي حوالي سان سمري تيار ٿي وئي آهي. منهنجي ڪالم ڇپجڻ وقت نئين آرمي چيف جي نالي جو اعلان ٿي چڪو هوندو. جنرلن جي سينارٽي جو تعين آرمي ايڪٽ وسيلي ڪيو ويندو آهي ۽ هر آفيسر کي لانگ ڪورس ۾ سينارٽيءَ جو مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول کان پاسنگ آئوٽ وقت نمبر الاٽ ڪيو ويندو آهي جنهن کي پاڪ آرمي يا پي اي چيو ويندو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ريٽائرمينٽ کان ٻه ڏينهن اڳ يعني 27 نومبر تي پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ڪري چڪو هوندو پر روايات مطابق جيڪڏهن وزيراعظم ان جي ريٽائرمينٽ جي تاريخ کان پهريان ان جو نالو نئين آرمي چيف جي لاءِ منظور ڪري ٿو ته اهو ان عهدي تي آئنده ٽن سالن تائين مقرر ٿي ويندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير آفيسر ٽرينگ اسڪول مان فوج جي فرنٽيئر فورس ريجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي آهي. اهو هن وقت آرمي چيف يا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ ٻنهي عهدن لاءِ اهل آهي. هن وقت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ڪور ڪمانڊر گجرانوالا لڳل آهي. ان کان پوءِ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا عاصم منير کان پوءِ سينيئر موسٽ ٿري اسٽار جنرل آهي.

هن جو تعلق سنڌ ريجمينٽ سان آهي ساحر شمشاد هن وقت ڪور ڪمانڊر راولپنڊي لڳل آهي. ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد ٽئين ڪور جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي هي وڏي ۾ وڏي ڪور آهي. جيڪا ڪشمير ۽ سياچن جهڙن علائقن جي نگراني ڪندي آهي. ان کان اڳ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد فوج جي اهم عهدي يعني بطور چيف آف جنرل اسٽاف رهي چڪو آهي. اهو پنهنجي ڪيريئر ۾ ٽي ڀيرا بطور ليفٽيننٽ ڪرنل، برگيڊيئر ۽ پوءِ ميجر جنرل طور مليٽري آپريشن يعني ايم او ڊائريڪٽوريٽ ۾ رهي چڪو آهي. ۽ هو وائيس چيف آف جنرل اسٽاف به رهي چڪو آهي جيڪو مليٽري آپريشن ۽ مليٽري انٽيليجنٽ جي نگراني ڪندو آهي. ٽيون نمبر آهي ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس هن جو تعلق بلوچ ريجمينٽ سان آهي سينارٽيءَ جي حساب سان هي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد کان ٻئي نمبر تي آهي. هن وقت چيف آف جنرل اسٽاف طور ڪم ڪري رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس بطور ميجر جنرل ڪمانڊ اينڊ انفينٽري اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو آهي. جڏهن ته مري جو جي او سي پڻ رهي چڪو آهي. آرمي چيف جي دؤر ۾ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به آهي سينارٽيءَ جي لحاظ کان ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چوٿين نمبر تي آهي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دؤر حڪومت ۾ ڊي جي آئي ايس آئي رهي چڪو آهي ۽ هن وقت ڪور ڪمانڊر بهاولپور لڳل آهي هن جو تعلق پڻ بلوچ ريجمينٽ سان آهي ۽ موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه جو چيف آف اسٽاف پڻ رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد بطور ميجر جنرل پنو عاقل ڊويزن جي ڪمانڊ ڪئي آهي. اهو آءِ ايس آءِ ۾ ڪائونٽر انٽيليجنس سيڪشن جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهي چڪو آهي. آءِ ايس آءِ جي سربراهه ٿيڻ کان اڳ ڪجهه هفتن لاءِ ايجوٽنٽ جنرل جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي. ماضي جي تجربن کي ڏٺو وڃي ته وزيراعظم جي اختيارن جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي.

هن وقت ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير آرمي چيف جي ڊوڙ ۾ مضبوط ترين اميدوار طور آڏو آيو آهي هن فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي آهي ۽ مارچ 2018 ۾ کيس حلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو. جنرل عاصم منير اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي دؤر ۾ مليٽري انٽيليجنس جو پڻ سربراهه رهي چڪو آهي. هن بلوچستان ۾ هڪ ڊويزن ۽ آپريشنل علائقن ۾ برگيڊ جي ڪمانڊ پڻ ڪئي آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار به ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو هيو.

ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ليفٽيننٽ ڪرنل جي حيثيت سان سعودي عرب ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ڀارت پاران مبينه سرجيڪل اسٽرائيڪ دوران ڪجهه ڏينهن اڳ جي ايڇ ڪيو ۾ مقرر ٿيو هيو. ليفٽيننٽ جنرل  عاصم منير 2018 واري اليڪشن ۾ فوج جي هڪ انٽيليجنٽ اداري ايم آءِ اي جو پڻ سربراهه رهي چڪو آهي اهو هڪ فوج ۾ سخت آفيسر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني اهو پهريون آرمي چيف هيو جنهن آءِ ايس آءِ جي سربراهي پڻ ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جمهوريت جو حامي آهي. بهرحال ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي جيڪو به آرمي چيف ايندو يقينن اهو ملڪ جي حفاظت ئي ڪندو ۽ نئين آرمي چيف جي اچڻ کان پوءِ ملڪ هڪ بهتر ٽريڪ تي هلي پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.