جديد ملائيشيا جو باني مھاتير محمد پھريون ڀيرو اباڻي سيٽ ھارائي ويو !

ملائيشيا جي چونڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم 97 سالن جي مهاتير محمد کي 53 سالن کانپوءِ  پنھنجي اسيمبلي جي سيٽ تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ سندس سياسي ڪيريئر ختم ٿيڻ جو خدشو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مهاتير محمد جيڪو ڊگهي عرصي کان لينگ ڪاوي ٻيٽ جي تڪ تان چونڊجندو ھو، ھن ڀيري  چوٿين نمبر تي آيو جڏهن ته تڪ تان 5 اميدوار چونڊن ۾  شامل هئا،

50  سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ اها سندن پهرين شڪست آهي.مهاتير محمد دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو وزيراعظم هجڻ جو گينيز ورلڊ رڪارڊ رکي ٿو، جڏهن هو ڊگهي وقفي کانپوءِ 2018 ۾ وزيراعظم چونڊيو ويو هو،ان وقت  سندس عمر 93 سالن مان صرف 2 مهينا گھٽ ھئي.عمر جي لحاظ کان ھو سست آهي پر اڃا تائين صحتمند نظر اچي رهيو آهي، هن ڀيري هن پنهنجي پارٽي هوم لينڊ فائٽرز پارٽي لاءِ اليڪشن وڙهيو ۽ رٽائرمينٽ جي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو، هن چونڊن کان اڳ چيو هو ته ڪاميابي جي اميد  آهي.هن چيو ته هن جي پارٽي ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه ڪندي جنهن جي اڳواڻي جيل ويندڙ ڪندا ھجن.ھو  يونائيٽيڊ ملائيشيا نيشنل آرگنائيزيشن (UMNO) جو حوالو ڏئي رھيو ھو، جنهن جو اڳوڻو وزيراعظم نجيب رزاق جيل وڃي چڪو آهي.مهاتير محمد تي 1981ع کان 2003ع تائين ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن سخت حڪمراني ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ھو، پر هن انهن کي دنيا جي اعليٰ ٽيڪنالاجي شين جي برآمد ڪندڙ ملڪن  ۾ شامل ڪرايو.

مهاتير محمد جي ڊگهي سياسي قيادت سان استحڪام آيو ۽ 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هاءِ ويز ۽ صنعتي پارڪن جي تعمير سان کيس ’جديد ملائيشيا جو باني‘ جو لقب مليو. 15 سالن جي رٽائرمينٽ کان پوءِ، هن 2018 جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ھو.اصلاح پسند بلاڪ UNMO ۽ نجيب جي خلاف شاندار فتح حاصل ڪئي، جنھن کي بعد ۾ ڪرپشن جي سزا ڏني وئي ۽ هن وقت 12 سالن جي قيد جي سزا ڀوڳي رهيو آهي، مهاتير محمد ٻيهر وزيراعظم ٿيو پر اندروني ويڙهه سبب سندس حڪومت ٻن سالن کانپوءِ ختم ٿي وئي.هن چتاءُ ڏنو ته جيل ۾ بند سياستدانن جو اتحاد جيڪڏھن فتح  حاصل ڪري ٿو تھ  نجيب رزاق کي آزاد ڪيو ويندو.ملائيشيا جي يونيورسٽي آف ناٽنگهم جي برجٽ ويلش چيو آھي ته مهاتير محمد جو وقت گذري ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.