ڪراچي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون پڙهائڻ جي گهرج

پروفيسر گل محمد سومرو

جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت  سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو. مطلب ته انگريزن جي دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو.

قديم دور ۾ لاطيني ٻوليءَ ماڻهن وچ ۾ رابطي جي ذريعي جو ڪم سر انجام ڏنو. بعد ۾ يورپ اندر فرينچ ٻولي رابطي جي زبان رھي ۽ ارڙھين کان اُڻويھين صديءَ تائين مارڪيٽ تي قابض رھي، تان جو انگريزيءَ ان جي جاءِ والاري. انگريزي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت ايتري وڌي وئي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ان کي مارڪيٽ توڙي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ملي ويو. سنڌ ۾ به اسان جي ڪيترن ئي دانشورن، قوم جي نوجوانن تي زور رکيو ته انگريزي سکو جو دنيا ۾ ان ٻوليءَ کانسواءِ ھلي ڪونه سگھبو. پر پنھنجي مادري ٻوليءَ جي خدمت ضرور ڪندا رھو. ورھاڱي کان پوءِ ۽ خاص طور تي 1973ع جي آئين لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سنڌ صوبي جي تعليم کاتي پاران، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نصاب جي جوڙ جڪ موجب سنڌي مضمون جي نصابي ڪتابن کي ٻن اهم حصن ۾ ورهايو ويو آهي، مطلب ته سنڌي مضمون جا ڪتاب اسڪولن ۾ ٻوليءَ موجب ٻن قسمن جا آهن، اهڙي طرح اردو ٻوليءَ جي ڪتابن جي جوڙ جڪ پڻ ساڳئي آهي.

جن شاگردن جي مادري ٻولي سنڌي آهي، اهي پهرين درجي کان ٻارهين درجي تائين سنڌي لازمي مضمون اسڪول ۾ پڙهندا آهن، ان سان گڏ انهن ئي شاگردن کي ٽئين درجي کان اٺين درجي تائين، پوءِ ڏهين ۽ يارهين درجي ۾ آسان اردو مضمون پڙهايو ويندو آهي، سنڌي لازمي پڙهندڙ شاگردن کي اڳتي هلي سنڌي مضمون ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. پر اهي شاگرد ايم اي. اردو ( ريگيولر ) مضمون ۾ نه ٿا ڪري سگهن. جن شاگردن جي مادري ٻولي اردو يا ڪا ٻي آهي اهي سنڌ جي سرڪاري يا نجي اسڪولن ۾ پهرين درجي کان ٻارهين درجي تائين اردو لازمي مضمون پڙهندا آهن ۽ ان سان گڏ ٽئين درجي کان ڏھين درجي تائين آسان سنڌي مضمون پڙهندا آهن. انهن شاگردن کي اڳتي هلي اردو ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي پر کين ايم. اي سنڌي ( ريگيولر) مضمون ۾ ڪرڻ جو اختيار حاصل نه آهي.

اهڙي طرح سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي اهو پڻ اختيار حاصل آهي ته هو ڪنهن به درجي جا مڙني مضمون پنهنجي مادري ٻولي ( سنڌي يا اردو ) ۾ پڙهي سگهن ٿا. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو پاران سڀني مضمونن جا ڪتاب انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڇپرايل سنڌ جي هر ڪتاب گھر وٽ موجود آهن. سنڌ جي سڀني ڊويزنن جي تعليمي بورڊز جي امتحانن ۾ پڻ هر مضمون جو پيپر نه رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ بلڪه سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ امتحاني مرڪزن تائين پهچايو ويندو آهي. اهو عمل صرف ان ڪري ته شاگرد کي جنهن ٻوليءَ ۾ آساني ٿئي اهو ان ٻوليءَ ۾ پڙهي ۽ امتحان ڏئي سگهي ٿو. اها رهنمائي سنڌ جي هر ضلعي ۾ خاص طور تي سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ سرڪاري يا خانگي اسڪولن جا استاد ۽ انتظاميه بهتر انداز ۾ سر انجام ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري هر ٻوليءَ سان تعلق رکندڙ شاگرد انهن اصولن موجب ئي پڙهي ۽ آسانيءَ سان امتحان ڏين ٿا. پر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ڊويزن جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد نصاب ۾ شامل ٻولين جي ڪتابن وارين پاليسين کان بلڪل نا واقف آهن.

ايتري قدر جو انهن اڳيان جڏهن اها ڳالهه دهرائي ويندي آهي ته علم ڪيميا، علم حياتيات، رياضي، علم طبعيات سائنس ۽ سماجي اڀياس جا ڪتاب سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا ۽ پڻ انهن جا پيپر ڏئي سگهو ٿا ته انهن جي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ رڳو انگريزي ٻوليءَ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، هر درجي ۾ مڙني مضمونن جا ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. پر افسوس جو سنڌي ٻولي سان تعلق رکندڙ شاگردن کي به پهرين درجي کان ٻارهين درجي تائين اردو لازمي مضمون پڙهايو وڃي ٿو ۽ ٽئين درجي کان نائين درجي تائين کين آسان سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪراچي جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رهنمائي اسڪولن ۾ نه ٿي ٿئي ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ سان تعلق رکندڙ والدين کي پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ۽ پنهنجي ٻارن کي پهرئين درجي کان سنڌي لازمي جا ڪتاب پڙهائڻ جو عمل شروع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ سان گڏ ٽئين درجي کان آسان اردو جا ڪتاب پڙهائڻ واري عمل کي ئي ترجيح ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن ٻار باقي مضمون به سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ ٿو چاهي ته کيس ان کي اجازت ڏيڻ سان گڏ ان لاءِ بندوبست پڻ ڪرڻ ھڪ اخلاقي جوابداري آھي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اهو ٻار تمام سٺا نتيجا آڻيندو. ان ڳالهه تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي شهر ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ والدين کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

ڪراچي شهر جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي استادن ۽ انتظاميه کي ان ڳالهه تي پابند ڪرڻ گھرجي ته شاگردن کي نصاب موجب سنڌي لازمي ۽ آسان سنڌي مضمون وارو فرق سمجهائيندي ان موجب شاگردن کي سهوليت ميسر ڪئي وڃي. ته جيئن شاگرد سائنس جا مضمون پڙهڻ سان گڏ پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ تي پڻ مهارت حاصل ڪري سگهن.  اسان کي ٻار جي ذهن ۾ اها ڳالهه ضرور پيدا ڪرڻ گھرجي ته شاگرد زندگيءَ ۾ ڪهڙي به شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي پر ان جي دل ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان پيار ۽ مادري ٻوليءَ لاءِ خدمتن جو جذبو هجڻ لازمي آهي. اھا حقيقت آھي ته ڪو به انسان ھجي سمجھڻ لاءِ جيترو جلد ۽ آسانيءَ سان پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ سمجھندو اھو ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ نه سمجھي سگھندو. ان لاءِ سنڌ جي خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن مٿان پنھنجي آسانيءَ خاطر پنھنجون پاليسيون نه مڙھيون وڃن بلڪه انھن جي مرضي، آساني ۽ بھتر مستقبل لاءِ شاگردن جي خواھشن جو خيال ۽ قدر ڪيو وڃي ته بھتر نتيجا سامھون ايندا.

ان سلسلي ۾ اجرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي مضمون باقائدگيءَ سان پڙھائڻ لاءِ خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ گڏجاڻيون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن جي ذريعي انھن علائقن جي ماڻھن، تعليمي ادارن، استادن ۽ شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن جي حقيقتن کان آگاھ ڪيو ويندو. نه صرف اھو بلڪه سنڌي لازمي وارا ڪتاب ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل تمام مضمونن جا ڪتاب پڻ متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن تعليمي سال 2024 کان سنڌ جي سمورن سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي لازمي مضمون عملي طور پڙھائڻ جو سلسلو شروع ٿي وڃي. سنڌي مضمون جي اھڙي قدم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سنڌ جي عالمن، اديبن، استادن، دانشورن، صحافين، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ خاص طور تي سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي سنڌ کي به اسان جي رھنمائي ۽ سھڪار ڪرڻ گھرجي. ھن وقت سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ تعليم کاتو حڪومت سنڌ، عملي طور ان ڪوشش ۾ آھن ته سنڌ جي او ليول اسڪولن ۾ پڻ سنڌي مضمون لازمي طور پڙھايو وڃي. اميد آھي ته ٿوري وقت ۾ سنڌ جي سمورن شھرن ۾ خاص طور تي ڪراچي شھر ۾ سنڌي مضمون ميٽرڪ سطح يا او ليول اسڪولن ۾ لازمي مضمون طور پڙھايو ويندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.