حڪومتي دعوائن باوجود معاشي چئلينج وڌي رهيا آهن: شوڪت ترين

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين  مزمل اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده حڪومت ۽ اسحاق ڊار ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڏيوالو ڪڍڻ نه ويندو سندس چوڻ آهي ته ملڪ کي 18 ارب ڊالرن جي اضافي جي ضرورت آهي، ڊالر کي 200 رپين تائين آڻڻ جي دعويٰ پوري نه ٿي آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ٽيڪس وڌائڻو پوندو، مهانگائي وڌندي، خيبرپختونخواهه کي پئسا نه پيا ملن، پگهارون ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. شوڪت ترين چيو ته حڪومتي دعوائن باوجود معاشي چئلينجز وڌي رهيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نئين حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ آئي، مالياتي خسارو ٻيڻو ٿي ويو آهي، جيڪو قرض اسان 4 سالن ۾ ورتو هو. شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف کي 750 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪرڻ تي راضي ڪرڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته ڪجھ  ڏينهن پهرين ڊاڪٽر عائشه پاشا ءِ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائي ڇڏيو آهي ته هاڻ ڪو خطرو ناهي، پوئين سال معاشي واڌ 6 سيڪڙو کان گهٽجي 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي  ٽيڪس ڪليڪشن اسان 30 سيڪڙو ڪئي هئي. آئي ايم ايم چيو ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا. سي پي آئي نمبرز هن وقت 40 سيڪڙو تائين ٿي ويا آهن، هن وقت 75 سيڪڙو ڊيفالٽ جو خطرو آهي. سندس جو چوڻ هو ته فيڪٽريون بند آهن ءِ بيروزگاري وڌي پئي، 92 سيڪڙو بيروزگاري ۾ واڌ ٿي آهي.انهن پاڻ چيو آهي ته 40 ارب ڊالر کپن ٿا. آئون انهن کي اهو چوندس ءِ گذارش ڪندس ته ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪن، توهان اسان کي ڪئش جو فلو ڏيکاريو ته معاملات ڇا آهن، اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿئي. آئي ايم ايف کي آڪٽومبر ۾ اچڻو هو، توهان به چيو هو ته واشنگٽن ويندس ، اسان کي ٻڌايو ته آخر هن محل تائين ڇا ٿيو آهي، آئي ايم ايف حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيون آهن، اسحاق ڍار چيو هو ته ڊالر 200 کان گهٽ ٿي وٺي آهي. سياري ۾ گيس جي ڪمي هوندي ته فيڪٽري کي مشڪلات ايندي سندس وڏيڪ چوڻ هو ته ڪامياب جوان پروگرام به بند ڪري ڇڏيو، پاڪستان به ڪنهن پروگرام جو نالو رکي هلايو، سياسي غير يقيني صورتحال کي ختم ڪيو ويو وڃي، موجوده حڪومت پاڪستان تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيندو.  اسان آئي ايم ايف سان معاهدو ختم ناهي ڪيو هو. عالمي ڊونر اسان جي سياسي صورتحال جي ڪري مالي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن نئين چونڊجي آيل حڪومت فيصلا ڪري، سندس چوڻ هو ته روس کان تيل لاءُ ست مهينا پهرين حڪومت ڳالهيون نه ڪيون هاڻ ڇا ڪندي؟ايران وٽ نه پر روس وٽ اسان کي وڃڻ کپي، منهنجي آڊيو ليڪ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي، حصا جوڙي اُها ٺاهي وئي، مون کي غدار نه چيو وڃي آئون محب وطن آهيان، وفاق وٽ اڪثريت آهي انهن وٽ 172 جو ڪورم آهي. اليڪشن ڪرايو خبر پئجي ويندي ڪير بهتر آهي،  اسحاق ڊار کي صلاح ٿا ڏيون ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ اڳڀرو ٿئي ۽ ملڪ جي بهتري لاء سوچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.