بدين ۾ پ پ ايم پي اي جي پٽ جي گرفتاري لاءِ ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) تلھار ۾ هڪ ھفتو اڳ زمين جي تڪرار تان مارجي ويل عورت نازيا سولنگي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار پ پ ايم پي اي الله بخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر  کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف حاجي غلام مصطفي سولنگي، محبوب سولنگي، راڄ ٻائي سولنگي، نائلا سولنگي جي اڳواڻي ۾ مردن، عورتن ۽ مقتول عورت نازيا جي ٻارن 9 ورهين جي سبحان سولنگي  ۽ 7 ورهين جي بيمار ٻارڙي عليشبا سولنگي جي اڳواڻي ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن بدين ۾ڊي سي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي مقتول عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر اسان جي گھر واري زمين تي ڏوهاري ماڻهو وٺي قبضو ڪرڻ بعد فائرنگ ڪري نازيا سولنگي کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو، ڪيس ۾ مک جوابدار مير عمران ٽالپر کي پوليس وڏي رشوت وٺڻ سبب هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو آهي. هنن الزام هنيو ته ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر قتل ڪيس ۾ مک جوابدار پنهنجي پٽ مير عمران ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته مک جوابدار مير عمران ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ڌرڻي سبب ڪراچي روڊ تي ٽرئفڪ معطل ۽ شهر جا داخلي رستا پڻ بند رهيا. سڏ پنڌ تي موجود ايس ايس پي 3 ڪلاڪن بعد ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.