پروين رحمان قتل ڪيس جا جوابدار آزاد ڪرڻ جو حڪم،وارثن طرفان سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ:ماريا اسماعيل)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدار رحيم سواتي،امجد حسين، ايازسواتي، عمران سواتي ۽ احمد حسين جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي سندن اپيلون منظور ڪندي ماتحت عدالت طرفان سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن هنن تي ٻيو ڪيس نه هجي ته کين آزاد ڪيو وڃي.واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2021ع ۾جوابدارن کي ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.پروين رحمان اورنگي پائليٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر هئي، جنهن کي 2013ع ۾ قتل ڪيو ويو هو.عدالت اپيلن جو 38 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو. هن ڪيس جي اهم ڳالهه پروين رحمان جو 2011ع ۾ هڪ صحافي کي ڏنل انٽرويو آهي، اهو انٽرويو سندس قتل کان پوءِ آن ايئر ٿيو.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جوابدارن جي وڪيلن پنهنجي موقف ۾ چيو ته قانوني طور هن انٽرويو جي ڪا حيثيت نه آهي . جوابدارن جي وڪيلن جو چوڻ هو ته هنن کي جرح جو موقعو نه مليو. لکت واري فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدارن جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته مقتول پروين رحمان پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ نه ڪرايو، ان ڪري عدالت جوابدارن جي وڪيلن جو موقف تسليم ڪري ٿي ته ان انٽرويو جي ڪا به حيثيت نه آهي.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته مقتول پروين رحمان جو انٽرويو ڪراچي جي امن امان جي صورتحال کي مدنظر رکي ڏنو هجي.ڪيس جي جي آءِ ٽي ميمبر بابر بخت پنهنجي بيان ۾ چيو ته مقتول پروين رحمان پنهنجي انٽرويو ۾ سياسي پارٽين تي به عمومي نوعيت جو الزام لڳايو .جي آءِ ٽي ميمبر چيو ته جوابدارن تي ڪو خاص الزام نه آهي جڏهن ته پراسيڪيويشن هي ثابت نه ڪري سگهيو آهي ته جوابدار رحيم سواتي جو تعلق ڪهڙي سياسي جماعت سان آهي، جوابدارن خلاف ڪو خاص ثبوت نه آهي.فيصلي  موجب واقعي واري هنڌ  تان جيڪي گولي جا خول مليا، اهي جوابدار قاري بلال جي پسٽل جا آهن، پروين رحمان کي ان هٿيار سان قتل ڪيو ويو،باقي جوابدارن جي هٿيار سان خول نه ٿا ميچ ڪن.فيصلي موجب جوابدارن وٽان ڪو هٿيار نه مليو آهي جڏهن جوابدارن جو قاري بلال سان به تعلق نه آهي، پراسيڪيويشن ان حوالي کان وڌيڪ جاچ نه ڪئي، ان ڪري اهڙي ثبوت جي ڪا به حيثيت نه آهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پروين رحمان قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي حيثيت چالان کان وڌيڪ نه آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾جيڪي شيون ٻڌايون ويون آهن، اهي پهرين منظر عام تي اچي ويون هيون، جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي عدالت ڪنهن جوابدار کي سزا يا بي گناهه جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي جڏهن ته روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به مڪمل نه ڪئي وئي،جوابدارن تي قتل ۾ معاونت ڪرڻ جو الزام به ثابت نه ٿيو، ڪيس ۾ هڪ نه ڪيترائي شڪ موجود آهن ۽ ڪيس ۾ شڪ جو فائدو جوابدارن کي ڏنو وڃي ٿو، ان ڪري ٽرائل ڪورٽ طرفان جوابدارن کي ڏنل سزا ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ڪيس ۾گهربل نه آهن  ته آزاد ڪيا وڃن.هوڏانهن پروين رحمان جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پروين رحمان جي ڀيڻ عقيلا  اسماعيل هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو سمجهه ۾ نه آيو، سڀ ڪجهه واضح هو، ٻنهي جي آءِ ٽيز  انهن جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو.عقيلا  اسماعيل جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نه اسان کي موقعو ڏنو ويو نه ڪا اسان جي ڳالهه ٻڌي وئي. هن چيو ته جوابدارن کان نه رڳو اسان جي خاندان پر اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙن کي به جان جو خطرو آهي، جوابدران کي فوري طور تي ايم پي او تحت بند ڪيو وڃي.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ڪري، وفاقي حڪومت اهڙا ڪيس پاڻ ڏسي، جن ۾ متاثرن کي انصاف نه ٿو ملي، جوابدارن خلاف ٺوس ثبوت موجود آهن.ٻئي طرف پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي جو جائزو وٺي رهي آهي، فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي.

پروين رحمان قتل ڪيس ۾ پوليس جي سنگين لاپرواهي ظاهر

ڪراچي:اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان قتل ڪيس ۾ پوليس جي سنگين ۽ مجرماڻي غفلتون سامهون اچي ويون.پروين رحمان قتل جي 24 ڪلاڪن اندر هڪ جوابدار کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي ۽ تڏهوڪي پوليس اختيارين طرفان ان مقابلي جو ڪريڊٽ به ورتو ويو جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جو تعلق مبينا طور بندش پيل تنظيم سان ڄاڻايو ويو  ۽ ان جوابدار کي پروين رحمان جو قاتل ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته گولين جا خول به ميچ ڪرايا ويا.جاويد عالم اوڍو ان وقت ڊي آءِ جي ويسٽ  ۽ آصف اعجاز شيز ايس ايس پي ويسٽ هو، هنن ٻنهي آفيسرن کي ڪجهه ايس ايڇ اوز طرفان اهي اطلاع ڏنا ويا.ذريعن موجب جوابدار مبينا طور نه ماريو ويو نه ئي ان جو تعلق ڪيس ۾ سامهون آيو.ڪجهه سالن بعد ويسٽ پوليس رحيم سواتي سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو، انهن گرفتار جوابدارن خلاف ٺوس ثبوت به جمع ڪرايا ويا هئا  جڏهن ته سڌي ريت انهن جوابدارن وٽان ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو.ذريعن ٻڌايو ته پهريان مارجي ويل  جوابدار جو تعلق بندش پيل تنظيم پوءِ سياسي جماعت سان ٻڌايو ويو، ثبوت ضايع ڪرڻ تي ٺوس جاچ سامهون نه اچي سگهي.ذريعن موجب پروين رحمان قتل ڪيس جي جاچ  لاءِ عدالتي حڪم تي ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيز ٺهيون، قتل  جي امڪاني سببن ۾ لينڊ گريبنگ جو ذڪر جي آءِ ٽي  ۾ ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس خراب ڪرڻ ۾ مبينا طور پوليس جا ڪجهه آفيسر به ملوث هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.