اهم مقرري، هر ڌر جو الڳ نالو، فيصلائتو هفتو شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان ۾ فيصلائتو هفتو شروع ٿي ويو آهي، مک فوڪس نئين آرمي چيف تي آهي، حڪومت پنهنجي مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ چاهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ جو الڳ موقف آهي، عمران خان جو نالو مختلف آهي، نوازشريف لنڊن پلان تحت جنرل عاصم منير کي لڳائڻ چاهي ٿو،اسٽيبلشمينٽ ڦڏو وجهي ويٺي آهي، سمري اڃا تائين ناهي پهتي، وزيراعظم آفيس ليٽر لکي ڇڏيو آهي.

سينئر صحافي موجب  سمري 23 تاريخ تي وزيراعظم آفيس پهچي ويندي، ڪوشش هوندي ته 26 نومبر کان اڳ اڳ ان پراسيس کي مڪمل ڪيو وڃي، حڪومت جو خيال آهي ته عمران جي پهچڻ کان اڳ اهو ڪم ختم ڪيو وڃي، حڪومت سمجهي ٿي ته نئين اسٽيبلشمينٽ سان کين رليف ملندو، ٽئي ڌريون طاقتور آهن،صدر 25 ڏينهن تائين سمري پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو.

هو نئين اليڪشن جي تاريخ مطالبي تي سمري روڪي سگهي ٿو، جنرل باجوا چاهي ٿو ته فوج جيڪو چاهي ٿي ان کي آرمي چيف لڳايو وڃي، ان دوران جنرل باجوا ڇا ڪندو، هن جي باري ۾ احمد نوراني هڪ انويسٽيگيٽو رپورٽ ڏني آهي، دستاويزن سان گڏ خبر ڏني وئي آهي، ڊار صاحب طارق پاشا کي جيڪا ڊيوٽي ڏني آهي اها حيران ڪندڙ آهي، اثاثن جي ڊيٽاليڪيج تي ڪهڙي جاچ ٿيندي؟مطلب ته اڃا تائين حڪومت اهو ناهي چيو ته اها خبر درست ناهي يا آءِ آيس پي آر يا جنرل باجوا جي ترجمان به ان جي ترديد ناهي ڪئي.

جنرل باجوا لاءِ هاڻي خبرون اچڻ شروع ٿينديون، هو وڃي رهيو آهي ان سبب اسٽوريون اچڻ شروع ٿيون آهن، باجوا لاءِ هن هفتي وڏا مسئلا آهن، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هو جنرل ساحر شمشاد کي آرمي چيف لڳائڻ چاهي ٿو ان ڪري هن جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي اهي.

حڪومت جنرل عاصم منير کي لڳائڻ چاهي ٿي، جنرل اظهر، جنرل نعمان جو نالو به اچي رهيو آهي، باجوا کي ايڪسٽينشن به نه ملي سگهي، ملڪ محمد احمد خان جي فارمولي کي ناڪامي ملي، نوازشريف کيس لنڊن اچڻ کان روڪي ڇڏيو.

ماضي ۾ جنرل ڪياني جنرل راحيل شريف کي آرمي چيف نه پيو لڳائڻ چاهي، بعد ۾ جنرل ڪياني جي ڀائرن جي اثاثن جي باري ۾ به خبرون لڳيون پر جنرل راحيل مداخلت نه ڪئي ۽ چيو ته نيب ڀلي جاچ ڪري، باجوا صاحب لاءِ مشڪل دور شروع ٿي ويو آهي ٽن چئن طرفن کان هن تي پريشر اچي ويو آهي.

نوٽ: رئوف ڪلاسرا هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.