روينيو سڪريٽري ۽ ڊي سي ڄامشورو کي توهين عدالت جا نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام شورو ڀرسان سپر هاءِ وي تي پي ايس او پئٽرول پمپ ڊاهڻ واري ڪيس ۾ روينيو کاتي جي سيڪريٽري جاويد سومرو،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفي آرائين،ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ مرتضي تبسم ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عامر آفتاب سميت ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڌرين کي ٻن هفتن اندر ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جواب لکت ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.درخواست گذار عبدالوهاب کوسي چيو سپر هاءِ وي تي سالن کان پي ايس او جو پئٽرول پمپ هلائي رهيا آهيون، جيڪو قانوني طور ٺاهيو ويو پر 2 نومبر تي اوچتو پئٽرول پمپ کي سيل ڪيو ويو ۽ 3 نومبر تي چڙهائي ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.