اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي جان نه ٿي ڇڏي، مسئلا حل نه ٿيندا: جاويد هاشمي

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته تسنيم کي نٿو سڃاڻان پر حقيقت سامهون اچي وئي آهي ته هو ٻه نمبر ماڻهو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ ئي مسئلو غربت، جهالت ۽ ليڊر ليس جو آهي، پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايشو پيدا ٿيو اهو اڄ تائين حل ناهي ٿيو. ملڪ جو آرمي چيف ڪير هوندو، اهو ايشو پاڪستان ۾ آهي ٻئي ڪنهن هنڌ اهو مسئلو ناهي، عمران خان جهڙن ماڻهن کي کٽرايو وڃي ٿو، عمران خان سان ذاتي اختلاف ناهن پر جڏهن عمران خان کي اقتدار ڏيڻ وارا ڏين ٿا ته کسي به وٺندا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهيا پر ڪردار کي اڳتي وٺي هلڻو پوندو، جڏهن سياستدانن جو ڪردار مضبوط هوندو ته ملڪ هلندو. هن چيو ته هر وزيراعظم ۽ صدر توشا خانا مان شيون ورتيون ته ڇو ورتيون؟ ليڊر جو ڪم توشا خانا مان شيون وٺڻ ناهي، اها قوم جي امانت آهي، مودي توشا خانا جون شيون وڪرو ڪري سماجي ڪمن ۾ پيسا پيسو ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن جنرل باجوا ريٽائر ٿيندو ته ٻاهر هليو ويندو، اسٽيبلشمينٽ وارا مال گڏ ڪري وٺن ٿا ته پوءِ چون ٿا ايڪسٽينشن ڏيو، بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ تباهه ڪيو آهي.  ملڪ ۾ مارشل لا بابت سندس چوڻ هو ته مارشل لا نه لڳندو، هنن رستا ڪڍي ورتا آهن، عمران خان هجي يا بينظير هجي، مارشل لا سي اين سي آهي، پاس ٿيندو آهي، ڪالهوڪا جرنيل يا ريٽائر کرب پتي آهن، پنهنجا ٻار فوج ۾ ڀرتي نٿا ڪن، ملڪ ۾ پنجهتر سالن کان مارشل لا آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان اهو نٿو چئي سگهي ته اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ حڪومت ۾ آيو، هڪ ٽاسڪ لاءِ عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي ڪٺ پتلي بڻجي ويو، اسٽيبلشمينٽ جهاز ۾ ماڻهو ڀري پي ٽي آءِ ۾ آندا. جاويد هاشمي موجب ڪنهن عمران خان کي مارائڻ چاهيو مون کي خبر ناهي پر ڪيس ڇو نه داخل ڪرايو ويو، عمران خان ڪمپرومائيز ڪري ورتو، اهو ڪيس داخل ڪرائيندي وري وري يوٽرن وٺندو ته سنجيدگي نه رهندي.هن چيو ته شهباز شريف کي به اقتدار ۾ اسٽيبلشمينٽ آندو آهي، جنهن ڏينهن پاڪستان جي ماڻهن جي حڪومت کي ٺهڻ ڏنو ويو تڏهن ملڪي مسئلا حل ٿي ويندا. نواز شريف بابت سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي هاڻي هڪ گهڙي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، هو فوري پاڪستان اچي، ڪو ته قربانيون ڏيندو ته اسٽيبلشمينٽ جا ڏند کٽا ٿيندا، اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي سياست جي جان نٿي ڇڏي ته مسئلا حل نه ٿيندا، سياست جي جان ڇڏي ڏيو. هن چيو ته جرنيل بيوروڪريٽس ۽ ٽئين نمبر تي سياستدان چور ۽ ڪرپٽ آهن، مون تي الزام لڳايو پر جرنيل چور آهن، هاڻي جيڪوبه جرنيل ايندو اهو چور آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.