صدر آرمي چيف بابت سمري روڪي سگهي ٿو: شاهد خاقان

ڪراچي( رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي صدر آرمي چيف بابت صدر  سمري روڪي سگهي ٿو . خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته سمري بعد رٽائر مينٽ اثر انداز نه ٿيندي، رٽائرمينٽ بي معنيٰ ٿي ويندي . هن چيوته  جيڪڏهن ڪو جنرل اهل آهي ته ان جو نالو شامل هوندو. سمري ۾ سمورن اهل جنرلن جا نالا شامل هوندا. هن چيو ته آئين موجب سمري اچڻي آهي، سمري ۾ سمورن اهل جنرلز جا نالا هوندا آهن، جيڪڏهن اوهان سمري ۾ اهل نالو شامل نه ڪندا ته مسئلو ٿي سگهي ٿو، اهل نالو شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. صدر جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، اهو سندس عهدي جي شان تحت مناسب ناهي.صدر جو عهدو اڻ ڌريو هوندو آهي، صدر جي عملن ۾ ڌر هجڻ جي بوءِ هوندي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.