ماحولياتي تباهي سبب پاڻي ذريعا متاثر، 30 ڪروڙ مهاڻن جو جيئندان خطري ۾ آهي;فشر فوڪ فورم

ڪراچي (رپورٽر)  ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ڪالهه ريگل چوڪ صدر کان پريس ڪلب ڪراچي تائين هڪ وڏي رنگا رنگ ۽ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. ڪراچي، ٺٽي، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ، حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين ضلعن کان سوين مهاڻن جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو قافلن جي صورت اچي ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فشر فوڪ فورم جو مرڪزي چيئرمين مهراڻ علي شاهه، وائيس چيئرمين نور محمد ٿهيمور، سينئر وائيس چيئرپرسن ياسمين شاهه، جنرل سيڪريٽري محمد رمضان ملاح ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ضلعي اڳواڻن سميت سماج سڌارڪ ادارن جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا.  مهاڻا مختلف هنڌن تان گذرندي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي پهتا. ان موقعي تي مهاڻن جي ميڙ کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته ي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن ”اوشين گريبنگ ۽ بليو اڪانومي خلاف ڪارروائي“ جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ننڍي پيماني تي ماهيگيري ڪندڙ مهاڻن، خلاصين کي بيروزگاري ۽ خوراڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. حد کان وڌيڪ مڇي جي غير فطري شڪار ۽ ماحولياتي تباهي سبب دنيا جي 30 ڪروڙ کان مٿي مهاڻن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي. اسان سڀني کي گڏجي ان تباهي کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته هن وقت به مهاڻن کي اڻ ڳڻيا مسئلا درپيش آهن، جنهن ۾ قدرتي پاڻيءَ جي ذريعن تي بااثر ماڻهن جو قبضو، سامونڊي حدن جي آڙ ۾ مهاڻن جون گرفتاريون، سامونڊي ٻيٽن تي قبضا، تمر جي ٻيلن جي غير قانوني واڍي، مڇيءَ جي نسل ڪشي، مهاڻن کي مڇيءَ جو مناسب اگهه نه ڏيڻ، سمنڊ ڪنارن تي قبضا، اڻ لاڳاپيل ماڻهن جو ماهيگيري ۾ جُنبڻ، مهاڻين آبادين ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جا بهتر ذريعا نه هجڻ ۽ مهاڻن سان ظلم، جبر ۽ زيادتي سميت ٻيا مسئلا شامل آهن. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي وائيس چيئرمين نور محمد ٿيهمور چيو ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته ترقي ۽ سائنس جي نالي تي ائٽمي ملڪ تابڪاريءَ کي وڌائي رهيا آهن، جنهن سان سمنڊ ۽ دريائن ۾ چاڙهه ۽ طوفان پيدا ٿي رهيا آهن، خوراڪ جي تيزيءَ سان کوٽ پيدا ٿي رهي آهي ۽ مهاڻيون وسنديون طوفانن جي گهيري ۾ آهن. هن چيو ته جيڪي عوامي رياستون هونديون آهن اهي عوام جو درد ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون رهنديون آهن، پر اسان جي بدقسمتي آهي ته رياست ۽ انتظاميا ۾ ويٺل ماڻهو عوامي تباهي جو سامان پيدا ڪري رهياآهن. سينيئر وائيس چيئرپرسن پاڪستان فشر فوڪ فورم ياسمين چيو ته هن چيو ته اوور فشنگ، ماحولياتي گدلاڻ، صنعتي ماهيگيري، نقصانڪار ڄارن ۽ پاڻيءَ جي گرم ٿيڻ سبب دنيا جي سمنڊ ۽ مٺن پاڻين جي ذخيرن کي هڪ وڏي بحران ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ دنيا جي حڪومتن اُپاءُ نه ورتا ته وڏي تباهي ايندي ۽ اربين انسان متاٿر ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جا 30 ڪروڙ ماڻهو ماهيگيري جي روزگار سان لاڳاپيل آهن. ان موقعي تي مهاڻن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري رمضان ملاح چيو ته 1998ع کان ملھائجندڙ مھاڻن جي عالمي ڏينھن کي 25 سال گذري ويا آھن پر اڄ ڏينھن تائين مھاڻن جا بنيادي حق ۽ سندن روزگار جي وسيلن کي تحفظ حاصل نه ٿي سگھيو آھيو. ھن گھر ڪئي ته ماھيگيري صنعت وسيلي حڪومتي معيشت کي پائيدار بنائڻ لاءِ فوري طور پائيدار فشريز پاليسي ترتيب ڏئي منظر عام تي آندي وڃي ته جيئن مھاڻن جي حقن کي قانوني تحفظ حاصل ٿي سگھي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.