اسحاق ڊار آرمي چيف جي خاندان جو ٽيڪس رڪارڊ ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.ڊان نيوز ويب سائيٽ  موجب واضح رهي ته فيڪٽ فوڪس رپورٽ ۾ مبينه طور تي ٽيڪس گوشوارن ۽ ويلٿ اسٽيٽمينٽ جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي ته آرمي چيف جي خاندان مبينه طور تي گذريل 6 سالن ۾ اربين رپيا ڪمايا، ميبنه ٽيڪس رڪارڊ جي حوالي سان فيڪٽ فوڪس رپورٽ جي دعوائن مطابق پاڪستان اندر ۽ ٻاهر آرمي چيف جي معلوم اثاثن ۽ ڪاروبار جي موجوده مارڪيٽ ويليو 12 ارب 70 ڪروڙ رپيا آهي، ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ 2013ع کان 2021ع تائين جنرل قمر جاويد باجوا ۽ هن جي خاندان جي  مبينه ويلٿ  اسٽيمينٽ به شيئر ڪيون آهن، رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جنرل قمر جاويد باجوا جي گهرواري عائشه امجد جا اثاثا جيڪي 2016ع ۾ ٻڙي هئي اهي (معلوم ۽ ڊڪليئر) اثاثا ٿيڻ بعد 6 سالن ۾ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا ٿي ويا، رپورٽ ۾ اهو به الزام هنيو ويو آهي ته آڪٽوبر 2018ع جي آخري هفتي ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جي ننهن ماهه نور صابر جي ڊڪليئر اثاثن جي ڪل ماليت ٻڙي هيئ ۽ هن جي شادي کان رڳو هفتو اڳ يعني 2 نومبر 2018ع تي هن جا اثاثا هڪ ارب 27 ڪروڙ کان وڌي ويا، اهڙي طرح ويب سائيٽ دعويٰ ڪيئ ته ماهه نور جي ڀيڻ همنا نصير جا اثاثا 2016ع ۾ ٻڙي هئا جيڪي 2017ع ۾ اربين رپين ۾ پهچي ويا، رپورٽ ۾ اهو به الزام هنيو ويو ته آرمي چيف جي دوست ۽ هن جي پٽ جي سهري صابر حميد مٺو جا ٽيڪس گوشوارا 2013ع ۾ 10 لک رپين کان به گهٽ هئا پر ايندڙ سالن ۾ هو به ارب پتي بڻجي ويو ۽ لاهور جو طاقتور بزنس ٽائيڪون بڻجي ويو۽ ٻاهرين ملڪ اثاثا منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا،

فيڪٽ فوڪس مطابق

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.