خواجا آصف ۽ ملڪ احمد جا جنرل باجوا سان آرمي چيف مقرريءَ تي صلاح مشورا، ملاقاتون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نئين آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ  وزيراعظم شهباز شريف بچاءُ  واري وزارت کي سمري موڪلڻ لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آهي. خواجه  آصف ۽ ملڪ احمد خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان مسلسل رابطي ۾ آهن ۽ گذريل چئن پنجن ڏينهن ۾ سندن 5 کان 6  ملاقاتون ٿي چڪيون آهن.

عمران خان جي رٿابندي اها آهي ته هو 26 نومبر تي هيليڪاپٽر مان فيض آباد پهچندو ۽ آخري دٻاءُ طور اسٽيبلمينٽ  کي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته سندس مرضيءَ جو آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي.

عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ  اندر موجود حامين به اهائي صلاح ڏني آهي ته هو ٻاهران  دٻاءُ  وجهي ۽ هو اندر ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش  ڪندا.

صحافي عمر چيمه  جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ اندر عمران خان جي حامين جو ايترو وزن نه آهي جو ڳالهه مڃرائي سگهن.

صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي کي به وري تازو سمري روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مقررين کي تڪراري بڻائيندڙن جي اها به ڪوشش آهي ته آرمي چيف  ۽  چيئرمين  جوائنٽ چيفس جي الڳ الڳ سمري تيار ٿئي پر  ان حوالي سان اداري جي ماضيءَ ۾ اهڙي  روايت نه رهي آهي  هميشه ٻنهي مقررين جي هڪ ئي سمري ايندي آهي. هاڻي جڏهن وزير اعظم لکت ۾ سمري گهرائڻ جو لکيو آهي ته ڏسجي ان تي ڪيتري وقت ۾ عمل ٿئي ٿو.

نوٽ: اعزاز سيد / عمر چيمه جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.