عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي ايندو:شاهه محمود قريشي

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان 26 نومبر ڇنڇر  تي راولپنڊي ايندو ۽ لانگ مارچ کي خطاب  ڪندو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته جيترا به قافلا راولپنڊي ۾ شرڪت  ڪرڻ ايندا، عمران خان  انهن جو استقبال به ڪندو ۽ کين خطاب به ڪندو.هن چيو ته فيصلو ٿيو آهي ته 26 نومبر تي ماڻهن کي اڳواٽ نڪرڻو آهي، سڀني کي گذارش آهي ته جن وٽ رهائش جو بندوبست آهي، اهي 25 تاريخ تي پهچي وڃن.هن چرو ته اسان جو لانگ مارچ قانون ۽ آئين جي دائري ۾ پرامن احتجاج هوندو .شاهه محمود قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان تي وزيرآباد ۾ حملو ٿيو، عمران خان کي قتل ڪرڻ جو منصوبو  ظاهر ٿي پيو، الله جو شڪر آهي ته هو بچي ويو.هوڏانهن پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علامه اقبال پارڪ ۾ خيما بستي ٺاهي ويندي، اتي اوهان کي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اجتماع جي تياري نظر ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.