آرمي چيف مقرري معاملي کي تڪراري نه بڻايو وڃي:ناصر شاهه

روهڙي (ن ع آ) مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو معمول موجب آهي، ان کي تڪراري نه بڻايو وڃي، پاڪستان جي صدر کي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.اهڙو اظهار هن روهڙي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.ان کان اڳ صوبائي وزير ناصر شاهه روهڙي ۾ ميان قادر بخش قريشي پارڪ جو افتتاح ڪيو.ان موقعي تي هن پريس ڪانفرنس دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي منشور مطابق سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، برساتن سبب ٿيل تباھ ڪارين کان پوءِ فنڊن ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون آهن، فنڊن جي کوٽ باوجود ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪيو ويندو.هن چيو ته  پي ٽي آءِ جي جيڪا حڪومت رهي، ان مان اهڙي ئي اميد رکي سگهجي ٿي، نااهل پي ٽي آءِ حڪومت کي بي اعتمادي ذريعي هٽايو ويو. هن چيو ته جيتريون به سياسي پارٽيون آهن، سڀ جنرل باجوا کي سلام پيش ڪري رهيون آهن، عمران خان جيڪو انٽرويو ڏنو آهي، ان ۾ سڀ واضح آهي، عمران خان شڪايت ڪئي آهي ته جڏهن سندس حڪومت هٽائي وئي ته فوج مداخلت ڇو نه ڪئي؟.هن چيو ته عمران خان ادارن کي دٻائڻ گهري ٿو، عمران خان جو واحد مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ آهي.هن چيو ته اسان جي ملڪ جي سياست ۾ مقتدر ادارن جو اهم ڪردار آهي، انهن ادارن کان غلطيون به ٿيون آهن، هي ڪنهن کي لاڏلو به بڻائيندا آهن پر هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو ڇا ٿيو؟.ناصر شاهه چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو معمول موجب آهي، ان کي هروڀرو تڪراري نه بڻايو وڃي، صدر عارف علوي به کي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.