مٽياري ڪرپشن اسڪينڊل ۾اڳوڻي ڊي سي جو رمانڊ منظور

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مٽياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر کي ٽن ڏينهن جي جاچ لاءِ رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن اينٽي ڪرپشن پوليس اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته اڳوڻي ڊي سي کان زمين جي خريداري لاءِ جاري ٿيل رقم بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي، ان لاءِ سندس رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي کيس ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو. واضح رهي ته موٽر وي لاءِ زمين جي خريداري ۾ مبينا طور پوڻا 2 ارب رپين جي هيرا ڦيري جو انڪشاف ٿيو، جنهن جي جاچ شروع ڪندي اينٽي ڪرپشن پوليس ڊپٽي ڪمشنر کي گرفتار ڪري سندس گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ قائم ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪري شروعاتي طور پهريان به ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو هو.

 موٽروي ڪرپشن، عدالتي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي: مخدوم جميل

ڪراچي( نيوز ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مخدوم جميل زمان چيو آهي ته موٽر وي ڪرپشن ڪيس ۾ عدالتي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيس جي انڪوائري هلي رهي آهي، هن معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪندس. مخدوم چيو ته ڪوآرڊينيٽر اسلم پيرزادي ضمانت ۾ جلد بازي ڪئي، مان کيس روڪيانس ها. مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته ڀلي انڪوائري ڪيو پر صاف ۽ شفاف هجڻ گهجرجي، فرمائشي پروگرام نه هجي. 03

2 ارب رپيا ساهيوال ۾ ڊي سي جي گهر پهچايا:گرفتار جوابدار

حيدرآباد (رپورٽر) سکر-حيدرآباد موٽر وي  منصوبي ۾ سوا 2 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ ڊي سي مٽياري جي گرفتار ڊرائيور اهم انڪشاف ڪيو آهي ته هن 2 ارب رپيا ساهيوال ۾ جي ڳوٺ ميردار ۾ ڊي سي عدنان رشيد جي گهر پهچايا.اينٽي ڪرپشن پوليس ٻڌايو ته اڳوڻي ڊي سي مٽياري  جي گرفتار ڊرائيور  وزير بگٽيءَ  انڪشاف ڪندي چيو ته ڪيش ٽن گاڏين ۾  ڪارٽن ۾ ڀري پوليس گارڊز  جي حفاظت ۾ منتقل ڪئي.اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ هو ته ڊرائيور جي انڪشاف بعد اڳوڻي ڊي سي  جي وڌيڪ ٻن پوليس گارڊز کي حراست ۾ ورتو وريو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.