احمد نوراني پاپا جونز واري خبر ڏني هئي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) احمد نوراني جي خبر ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جي دولت ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، هن عاصم سليم باجوا جي پاپا جونز واريخبر ڏني هئي، احمد نوراني ڪمال ڪري ڇڏيو، اهي دستاويز پاڪستان سرڪار جا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي اڃا تائين ان خبر جي ترديد ناهي ڪئي.

آءِ ايس پي آر اداري جي دفاع لاءِ آهي، ان تي ڪو به جواب ناهي، عاصم باجوا جي پاپا جونز جي اسڪينڊل تي فوج جي ڪيترن ئي آفيسرن افسوس جو اظهار ڪيو، فوج ۾ ڪيترائي جنرل، ڪرنل، برگيڊيئر اهڙا آهن جيڪي رڳو پنهنجي پگهار ۽ پينشن تي گذارو ڪن ٿا، انهن جي وڌيڪ عزت آهي.

عمران خان کي ماضي ۾ جنرل عاصم منير جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ها، جنرل عاصم منير کي ڪرپشن وائکو ڪرڻ تي ٽرانسفر ڪيو هو، آرمي چيف  بابت سمري معاملي تي وزيراعظم قيدي بڻيل آهي، حڪومت تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، ڪوڙ جو بت پاش پاش ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.

نوٽ: انيق ناجيءَ جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.