فيڪٽ فوڪس پاران موقف لاءِ آءِ ايس پي آر ۽ صابر حميد سان رابطو ڪيو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستاني ميڊيا ۾ فيڪٽ فوڪس جي خبر سينسر ڪئي وئي، هڪ ٽڪ ٽاڪرجي خبر ته سڄو ڏينهن هلندي رهي پر اصل خبر نه هنئي وئي، فيڪٽ فوڪس وڏيون خبرون هلائيندي آهي، ان ئي جنرل عاصم سليم باجوا جي ڪاروباري ايمپائر جي خبر هلائي هئي،جنرل عاصم  سليم ان خبر جي اڄ تائين ترديد ناهي ڪئي.

فيڪٽ فوڪس جي برطانوي ويب سائيٽ بلاڪ ڪرائي وئي آهي، ڊجيٽل دور ۾ اهڙي قسم جي حرڪت حيران ڪندڙ آهي، ان سان پاڪستاني ميڊيا وڌيڪ وائکي ٿي وئي آهي، جنرل قمر جاويد باوجوا جي خاندان جي ڪاروبار بابت احمد نوراني خبر ڏني آهي، انويسٽيگيٽو رپورٽ آهي، جيڪڏهن اها معلومات درست ناهي ته ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، ٽيڪس دستاويز ڏنا ويا آهن، اسٽوري ۾ ٻڌايل ڪهاڻي ناهي.

رپورٽ موجب جنرل قمر جاويد باجوا جڏهن ليفٽيننٽ جنرل بڻيو ته هن جي گهرواري ٽيڪس فائلر ئي نه هئي،لاهور ۾ هن جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو دوست صابر عزيز عرف مٺو سٺو ڪاروباري ته هو پر ارب پتي نه هو، جيئن ئي ٻنهي خاندانن ۾ مٽي مائٽي ٿي ته دولت جي ديوي انهن تي مهربان ٿي وئي.

صابر حميد جي ڌي جي شادي آرمي چيف جي پٽ سان ٿي، 6 سالن جي عرصي ۾ ٻئي خاندان نه رڳو ارب پتي بڻجيا پر ٻاهرين ملڪ ملڪيتون خريد ڪرڻ پڻ شروع ڪيون، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ وڏا وڏا فارم هائوس، لاهور ۾ پلاٽ، ڪمرشل پلازا ورتا ويا ۽ هڪ تمام وڏي ريئل اسٽيٽ پورٽ فوليو جا مالڪ بڻجي ويا.

جنرل قمر جاويد جي خاندان جي اثاثن جي ڪل ماليت 12 ارب 77 ڪروڙ رپيا آهي، جنرل قمر جاويد جي خاندان ۽ مائٽن جي ڪاروبار جا تفصيل انفرادي طور تي ڏنا ويا آهن، احمد نوراني چوي ٿو ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ هن آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل بابر افتخار سان رابطا ڪيا ۽ ميسيج ڇڏيا پر ڪو به جواب نه مليو، صابر حميد مٺو سان به رابطو ڪيو پر هن نه ڳالهايو، آرمي چيف ۽ صابر حميد جواب ڏيڻ چاهين ته ويب سائيٽ حاضر آهي.

نوٽ: اسد طور جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.