شھناز انصاريءَ جي قتل ڪيس بابت فيصلي خلاف درخواست داخل

سکر(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي مقتول ايم پي اي شھناز انصاريءَ جي قتل ڪيس بابت ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي فيصلي خلاف فريادي ڌر پاران درخواست داخل ڪرائي وئي آھي. مقتول ايم پي اي جي ڌيءُ فاطمه انصاريءَ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ نوشھروفيروز جي عدالت هڪ جوابدار وقار کوکر کي عمر قيد جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن محمد صديق، سلمه الياس ۽ اختر کوکر کي بري ڪري ڇڏيو آھي. عدالت جي اهڙي فيصلي تي نظرثاني ڪري  جوابدارن کي قانوني گهرجن موجب سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي واضع رهي ته درخواست ۾ ايڊيشنل سيشن جج ون ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ۽ بري ڪيل ٽن جوابدارن کي ڌر بڻايو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.