شاهه رخ جتوئي جي بريت جو تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد  (م ڊ) سپريم ڪورٽ شاهه زيب قتل ڪيس جي جوابدار شاهه رخ جتوئي  سميت ٻين جي بريت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.17 صفحن تي ٻڌل شاهه زيب قتل ڪيس جو تفصيلي فيصلو جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي لکيو.سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڌرين ۾ صلح ٿي چڪو آهي، ان ڪري مک جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ نواب سراج ٽالپر سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪيو وڃي ٿو. عدالت موجب صلح بعد سزا ختم ٿيڻ بابت  ڪيترائي عدالتي فيصلا موجود آهن جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي جو ڪو به عنصر ناهي، ذاتي رنجش ۽ جهيڙي ۾ دهشتگردي جا قلم نه ٿا لڳائي سگهجن، ان لاءِ  دهشتگردي ٽوڙ  ايڪٽ  جي قلم 7 تحت  جوابدارن جي سزا ختم ڪئي وڃي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.