برسات ۽ ٻوڏ سٽلين جي مدد فرض آهي، ڪنهن به متاثر کي بحالي تائين اڪيلو نه ڇڏبو: نفيسا شاهه

پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ سٽلين جي مدد سندن فرض آهي، ڪنهن به متاثر کي بحالي تائين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

ڊاڪٽر نفيسا شاهه نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ طرفان خيرپور ميرس ضلعي جي يوسي شادي شهيد ۾ قائم برسات متاثرن جي ٽينٽ سٽي پهچي دورو ڪيو.

پ پ اڳواڻ برسات متاثر عورتن سان ملاقاتون ڪري سندن اهنج معلوم ڪيا ۽ کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽريشن ڪرائي وظيفي ڏيارڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر نفيسا شاهه انساني حقن واري ڪميشن جي واکاڻ ڪندي چيو ته  اين سي ايڇ ڊي برسات متاثرن جي ڏکي گھڙي ۾ مدد ڪري قومي ڪردار ادا ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سٽلين جي مدد سندن فرض آهي، ڪنهن به متاثر کي بحالي تائين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.