فيفا ورلڊ ڪپ: انگلينڊ، ايران کي 2 جي مقابلي 6 گولن تان هارائي ڇڏيو

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) فٽبال ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ انگلينڊ ايران کي ٻن جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تان هارائي ڇڏيو.

دوحا جي خليفه انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جارحاڻي شروعات ڪئي، شروعاتي منٽن ۾ هڪ حملي سبب ايراني گول ڪيپر ساٿي رانديگر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو جنهن جي شروعاتي امداد ڏيڻ کانپوءِ تبديل ڪيو ويو.

انگلش ٽيم جي رانديگر بيلهنگم پهريون گول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، ڪجهه منٽن کانپوءِ ساڪا بال ٻيو ڀيرو ايران جي ڄار ۾ پهچايو، رحيم اسٽرلنگ هڪ ڪراس تي بهترين ڪِڪ ذريعي ٽيم جو ٽيون گول اسڪور ڪيو.

وقفي تائين اسڪور ٽي ٻڙي رهيو، ٻئي هاف ۾ به انگلش ٽيم جو ايران تي دٻاءُ برقرار رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ساڪا 62 هين منٽ ۽ رشفورڊ 71 هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪيو، ان دوران ايران جي ٽيم پڻ تريمي ذريهي هڪ گول جو خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.

انگلينڊ جي ٽيم جو ڇهون گول گريليشن اسڪور ڪيو، انجري ٽائيم ۾ ايران کي پئنالٽي ڪِڪ ملي جنهن تريمي گول ڪري ڇڏيو. ائين ميچ انگلينڊ جي 2-6 جي برتري تي ختم ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.