گئس اگهه ۾ 96 سيڪڙو واڌ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا هلندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان گئس جي سراسري اگهه ۾ 96 سيڪڙو واڌ بابت سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي درخواست تي عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ڇڏي ۽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سوئي سدرن جي درخواست ۾ گئس جو سراسري اگهه 692 رپيا 93 پئسن مان وڌائي 1360 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

سوئي سدرن گئس ڪمپني هلندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان گئس جي سراسري اگهه ۾ 667 رپيا 44 پئسا واڌ سان في يونٽ گئس اگهه 692 رپيا 93 پئسن مان وڌائي 1360 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

اوگرا ترجمان موجب ڪراچي ۾ ٿيندڙ عوامي ٻڌڻي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٽيڪسٽائل پراسيسنگ ملز سوڌو سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي هئي.

ترجمان موجب سوئي سدرن جي درخواست ۾ هلندڙ مال سال لاءِ 184 ارب 88 ڪروڙ رپين جو خسارو ظاهر ڪيو ويو جنهن ۾ 33 ارب 78 ڪروڙ رپيا جو خسارو گذريل مالي سال جي مد جو به شامل هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.