ملڪ جو هاڻوڪو نسل مون کي ” ميچ فڪسر “ سمجهي ٿو: وسيم اڪرم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ملڪي سوشل ميڊيا جنريشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو کيس ميچ فڪسر سمجهن ٿا.

پرڏيهي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ پنهنجي ڪتاب بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته اوهان کي خبر آهي ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ جڏهن به عالمي ٽائيم ورلڊ اليون جي ڳالهه ٿيندي آهي ته دنيا جي بهترين بالرن ۾ منهنجو نالو به شامل ڪيو ويندو آهي.

هن پاڪستاني سوشل ميديا واهپيدارن تي تنقيد ڪندي چيو ته پر پاڪستان جو موجودا نوجوان نسل بنا سوچ ويچار جي هر ڪمينٽ ۾ لکي ٿو ته مان ميچ فڪسر هئس.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ 1900ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر عطا الرحمان وسيم اڪرم تي الزام مڙهيو ته هن کيس ميچ فڪسنگ لاءِ پئسن جي آڇ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.