عمران خان ٻوڏ متاثرن جي نالي چندو وٺي مارچ تي خرچ ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته پنجاب جو وڏو وزير به چوي پيو ته عمران خان ڪوڙو آهي، آخر ڪهڙو ڪارڻ جو عمران خان کي ڪير به هٿو نٿو لڳائي سگھي، اهڙي شخص کي ڪجهه به نه چوڻ سواليا نشان آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 20 لک کان وڌيڪ گھر ٺاهي ڏئي رهي آهي، عمران خان جيڪي چندا ورتا اهي مارچ ۾ خرچ ڪيا ويا، ايف آءِ اي چندي جي جاچ ڪري.

هن چيو ته عمران خان اسپتالن سوڌو اسڪولن جي نالي تي چندا ورتا، ثابت ٿي چڪو آهي ته هن پنهنجا اڪائونٽ لڪايا، اهڙو ماڻهو اڄ به آزاد، حيرت جي ڳالهه آهي.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي چوڻ تي ايف آءِ اي ۽ نيب مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، اڄ به نيب ۽ ايف آءِ اي طرفان هن کي رليف پيو ملي.

هن جو چوڻ هو ته عمران خان گھڙي چوري ڪري هيٽ ڪري ورتي، سندس معاشي ذريعو فراڊ ڪرڻ آهي، گھڙين جي معاملي تي جي آءِ ٽي ٺهڻ گھرجي، آصف زرداري جيڪا گاڏي ورتي اڄ به هن جي استعمال ۾ آهي، عمران خان توشا خانا جي معاملي تي جيب ڪترن وارو ڪم ڪيو.

شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو سموري دنيا ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، اڄ سموري دنيا عمران خان کي ڪهڙي نالي سان سڏي رهي آهي، هو ٻيهر ڪڏهن وزيراعظم نه بڻجندو، پي ٽي آءِ چيئرمين سرعام ادارن کي غيرقانوني ڪم ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي، هن آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙيا.

هن چيو ته عدالت کي عمران خان کي غير آئيني ڳالهه ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گھرجي، هن جو احتساب ٿيڻ گھرجي، هن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گھرجي.

شرجيل ميمڻ جو اهو به چوڻ هو ته ڇا پرويز الاهي هڪ ڀيرو به چيو ته ايف آءِ آر لاءِ ٽي نالا صحيح ڏنا ويا آهن؟ عمران خان پرڏيهي ايجنڊي تي پيو هلي، پي ٽي آءِ مني لانڊرنگ ڪندي پڪڙي وئي ۽ ٻوڏ متاثر جا پئسا کائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.